Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 2:11
36 Iomraidhean Croise  

شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.


اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ توڙي ڌارئيءَ لاءِ، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو، ساڳيا ئي قاعدا لاڳو آهن.“


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


هاڻي اوهين منهنجي ويجھو اچو، ۽ منهنجي هيءَ ڳالهہ ٻڌو تہ شروعات کان ئي وٺي مون ڳجھہ ڳوهہ ۾ نہ، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. جڏهن کان اهي ڳالهيون عمل ۾ اچن ٿيون، تڏهن کان آءٌ پاڻ اتي موجود آهيان.“ هاڻي قادرِمطلق خداوند مون تي پنهنجو روح نازل ڪري مون کي هي پيغام ڏيئي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


اي بني اسرائيل وارؤ! بابل منجھان ڀڄي ٻاهر ٿيو. هائو، بابلين جي ملڪ منجھان انهيءَ ٻڪر وانگر جلدي نڪري وڃو، جيڪو ڪنهن جي انتظار ڪرڻ کان سواءِ ڌڻ جي اڳيان نڪري هلندو ويندو آهي.


پر جڏهن سزا بابت تنهنجيون اڳڪٿيون پوريون ٿينديون، هائو، اهي سڀيئي ضرور پوريون ٿينديون، تڏهن اهي ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي موجود آهي.“


اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تان‌تہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“


تنهنڪري آءٌ خداوند موٽي يروشلم تي رحم ڪندس. تڏهن اتي منهنجي هيڪل وري تعمير ڪئي ويندي ۽ يروشلم وري موٽي پنهنجي اڳئين حالت ۾ ايندو. اهو مون قادر‌مطلق خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


انهيءَ ڏينهن اوهان يهوداہ وارن مان هر ڪو هڪٻئي کي دعوت ڏيئي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن ۽ سلامتيءَ سان آڻي ويهاريندو.‘ اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس تہ جيئن هو وري يروشلم ۾ رهن. اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ وفا ۽ سچائيءَ سان سندن خدا هوندس.“


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح دنيا ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن شاگردن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


پولس آخر ۾ چين تہ ”سو اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو اهو پيغام غير قومن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو اهي ٻڌندا بہ.“


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan