Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 13:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن سڄي ملڪ مان ماڻهن جا ٻہ حصا مارجي ويندا، ۽ رڳو ٽيون حصو وڃي بچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ هيئن ٿيندو تہ سڄي ملڪ مان ٻہ حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 13:8
34 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن انهن مان ڏهين حصي جيترا بہ ملڪ ۾ رهجي ويندا، تہ اهي بہ ناس ٿي ويندا. اهي تارپين يا شاهہ‌بلوط وڻن جي ٿُڙ وانگر وڃي بچندا، جنهن کي بہ ساڙيو وڃي ٿو.“ تنهن هوندي بہ انهيءَ ٿُڙ مان ئي خداوند لاءِ مخصوص نسل جي نئين سر پيدا ٿيڻ جو اشارو ملي ٿو.


جڏهن اهي يروشلم مان ٻاهر نڪرندا تہ انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا، جن مون سان سرڪشي ڪئي هئي. انهن کي کائڻ وارا ڪينئان ڪڏهن نہ مرندا، نڪي اها باهہ وسامندي جيڪا کين ساڙيندي. اهي پوري انسانذات لاءِ قابلِ نفرت ٿيندا.“


آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هائو، آءٌ اوهان منجھان باغين ۽ گنهگارن کي ڪڍي ڌار ڪندس. جنهن ملڪ ۾ اهي هاڻي رهن ٿا اتان کين ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس، پر انهن کي آءٌ سندن وطن بني اسرائيل جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏيندس. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


اهو ڌاريو حڪمران آخري هڪڙن ستن سالن جي لاءِ گھڻن ئي ماڻهن سان مضبوط عهد اقرار ڪندو. انهيءَ مدي جي اڌ وقت گذرڻ تي هو هيڪل ۾ قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ هيڪل اندر بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ رکي ويندي، ايستائين جو انهيءَ شيءِ جي رکندڙ تي مقرر ڪيل غضب اچي نازل ٿيندو.“


منهنجي قوم جا گنهگار جيڪي ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’ڪابہ آفت اسان تائين نہ پهچندي، ۽ نہ اسان کي ڪو نقصان رسائيندي،‘ سي سڀيئي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.“


پر آءٌ اوهان مان رڳو حليم ۽ نماڻن ماڻهن کي بچائيندس، جن مون خداوند وٽ پناهہ ورتي هوندي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.


خداوند جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو نہ گھٽائي ها، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر هن پنهنجي چونڊيلن جي ڪري انهن ڏينهن جو مدو گھٽائي ڇڏيو.


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan