Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 13:7
76 Iomraidhean Croise  

خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ


آءٌ اوهان جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ اوهان کي ائين صاف ڪندس، جيئن چانديءَ تان ڪَسُ صاف ڪبي آهي. هائو، آءٌ اوهان کي سزا ڏيئي اوهان جي ناپاڪي دور ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ ڏينهن خداوند ور وڪڙ ڏيئي تيزيءَ سان ڀڄندڙ ازدها بلا کي پنهنجي تيز ۽ موتمار تلوار سان ماري ڇڏيندو. هو انهيءَ اجگر نانگ کي بہ قتل ڪري ڇڏيندو جيڪو سمنڊ ۾ آهي.


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


اوهين رڙيون ڪري چوندا تہ ’اي خداوند جي تلوار! تون ڪيستائين پئي قتلام ڪندي رهندينءَ؟ هاڻ پنهنجي مياڻ ۾ موٽي وڃ، خاموش رهہ ۽ آرام وٺ.‘


خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! عمونين جيڪا بني اسرائيل جي بي‌عزتي ڪئي آهي، تنهن کي ننديندي کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’تلوار، هائو، تلوار مياڻ مان ڪڍي ويئي آهي. اها ڪوس لاءِ تيار آهي. انهيءَ کي چمڪائي تيار ڪيو ويو آهي تہ جيئن اها وڄ جي چمڪاٽ وانگر تيزيءَ سان قتلام ڪري.


’ياد رک، آءٌ خداوند خدا تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍندس. پوءِ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.


منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان ڪو هڪڙو سندن بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سڀني تي چڱي ڌنار وانگر حڪمراني ڪندو. اهي منهنجي حڪمن تي هلندا ۽ منهنجي قاعدن قانونن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


پڇاڙي بلڪل اچي پهتي آهي، هائو، اوهان جي ملڪ مٿان اچي ڪڙڪي آهي. ڏسو، اها اچي ويئي آهي.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.


سو اهو عهد ان ڏينهن تي ئي منسوخ ٿي ويو. تڏهن رڍن جي واپارين اهو سڀ ڏسي سمجھي ورتو تہ هي خداوند جو پيغام آهي.


خداوند منهنجي خدا مون کي فرمايو تہ ”اي زڪرياہ! تون ڪسڻ واري ڌڻ کي هڪ ريڍار وانگر چار.


سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي شاگردن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو شاگرد سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو.“


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آسمان ۾ هنن جا ملائڪ هر وقت منهنجي آسمان واري پيءُ جي حضور ۾ حاضر رهن ٿا.


ساڳيءَ طرح اوهان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاهي تہ هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪو هڪڙو بہ گمراهہ ٿي وڃي.“


پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘


پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ نبين جي معرفت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


رستي تي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘


تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.


منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو گناهہ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


جڏهن تہ آءٌ ۽ پيءُ هڪ آهيون.“


جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پيءُ جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آهيان.“


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.


تنهن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پيءُ هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پيءُ هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.


جيڪي ڪجھہ منهنجي پيءُ جو آهي سو منهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون اوهان کي چيو تہ پاڪ روح منهنجيون ڳالهيون اوهان کي کولي ٻڌائيندو.“


تہ پوءِ ڏسو، اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ اچي پهتي آهي جڏهن اوهين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون سان گڏ آهي.


اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو فرزند جي اهڙي نموني عزت ڪن جهڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪو فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري، جنهن کيس موڪليو آهي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“


خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


جيتوڻيڪ هو پاڻ خدا جي صورت هو، تہ بہ هن خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


پوءِ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي اهڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏهن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ آبِ‌حيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan