ذڪرياہ 13:3 - Muslim Sindhi Bible3 اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا. Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ جڏهن ڪوبہ پيشنگوئي ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، سي چوندس تہ تون جيئرو نہ رهندين؛ ڇالاءِ جو تون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائين: ۽ جڏهن هو نبوت ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، کيس قتل ڪندا. Faic an caibideil |
هاڻ مون خداوند جو حڪم آهي تہ انهن مان ڪوبہ نبي سڏائيندڙ، ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ هرگز استعمال نہ ڪري. جيڪڏهن ڪو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا اهي لفظ چوندو تہ هن لاءِ اهو سزا جو بار ٿي پوندو. هائو، آءٌ انهيءَ شخص ۽ سندس گھراڻي کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي لفظن کي ’خدائي پيغام جو بار‘ چئي پنهنجي قادرِمطلق خداوند جيئري خدا جي فرمان کي ٽوڙيو مروڙيو ڇڏي. سو جيڪڏهن ڪو خداوند جي پيغام کي ڳولڻ چاهي ٿو تہ هو اهي لفظ استعمال نہ ڪري، بلڪ هاڻ انهن مان هر ڪو هڪٻئي کان هن طرح پڇي تہ ’خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟‘ يا ’خداوند ڇا ٿو فرمائي؟‘
”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تختگاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بيحرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.