Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 13:2 - Muslim Sindhi Bible

2 قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بُتن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي وري ڪوبہ ياد نہ ڪندو: ۽ آءٌ انهن جي نبين، ۽ ناپاڪ روح کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 13:2
40 Iomraidhean Croise  

خداوند انهيءَ کان پڇيو تہ ’ڪهڙيءَ طرح؟‘ هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخي‌اب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘


جيڪي غير معبودن ڏانهن ڊوڙن ٿا تن جا ڏک وڌندا ويندا. آءٌ انهن معبودن جي لاءِ رت وهائڻ جون قربانيون ڪين ڪندس، نہ ئي آءٌ پنهنجيءَ زبان سان ڪڏهن انهن جا نالا وٺندس.


جيڪڏهن انهيءَ کي جھنگلي جانورن ماري ڇڏيو هجي، تہ ان جو بچيل حصو شاهديءَ جي لاءِ کڻي اچي، پوءِ انهيءَ جي لاءِ کيس عيوضو ڀرڻو نہ پوندو.


جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“


انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.


انهيءَ سبب جو هنن مون کي ڪاوڙائڻ جهڙا ڪم ڪيا، يعني ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري ڪيائون ۽ منهنجي نالي تي ڪوڙيون ڳالهيون ڪيائون جيڪي مون کين نہ چيون هيون. مون کي اها سڄي خبر آهي ۽ آءٌ خداوند پاڻ ان جو گواهہ آهيان.‘“


هاڻي اڳتي بني اسرائيل قوم ۾ ڪابہ ڪوڙي رويا نہ ڏٺي ويندي، نڪي وري ماڻهن کي خوش ڪندڙ ڪا غيبداني ڪئي ويندي.


تنهنڪري هاڻي اوهين وڌيڪ ڪوڙيون رويائون ڪڏهن بہ نہ ٻڌائي سگھنديون، نڪي گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿيون ئي ڪري سگھنديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


جيڪڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ گمراهہ ٿي ڪري ڪوڙو پيغام ڏئي ٿو، تہ ائين چيو ويندو تہ مون خداوند ئي انهيءَ کي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي. سو آءٌ انهيءَ تي پنهنجو هٿ کڻندس ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل منجھان کيس ڪڍي ڇڏيندس.


خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


آءٌ اوهان کي هر قسم جي پليتيءَ کان پري رکندس. آءٌ اناج کي حڪم ڪندس تہ اهو اوهان جي ٻنين ۾ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان ۾ وري ڪڏهن ڏڪار نہ پوي.


پوءِ اهي بتن جي پوڄا، ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ ڪنهن بہ بدڪاريءَ سان پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن بہ پليت نہ ڪندا. آءٌ سندن گناهہ ڌوئي کين پاڪ ڪري ڇڏيندس ۽ هر انهيءَ شيءِ کان انهن کي پري رکندس، جيڪا کين پليت ڪري. اهڙيءَ طرح هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تخت‌گاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بي‌حرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.


آءٌ بني اسرائيل جي سڀني شهرن ۽ ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، نہ رڳو سندن بت، قربان‌گاهون ۽ لوبان ساڙڻ واريون قربان‌گاهون، بلڪ هنن جي ٺاهيل هر شيءِ کي آءٌ تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.


تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“


جيئن تہ آءٌ سندس ذهن مان بعل ديوتائن جا نالا ڪڍي ڇڏيندس، تنهنڪري هوءَ وري ڪڏهن بہ انهن جو نالو ڪين وٺندي.


اي بني اسرائيل قوم! آءٌ تو سان هميشہ زال مڙس وارو اهڙو لاڳاپو جوڙيندس، جيڪو سچائيءَ، عدل، رحمت ۽ دائمي شفقت وارو هوندو.


هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“


خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏهن اهو ويران هنڌن ۾ ڪا جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو، جتي هو آرام ڪري سگھي، پر کيس آرام نہ ٿو ملي.


”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


پر جيڪڏهن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي پهتي آهي.


اوهين هنن جون قربان‌گاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو ۽ هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن معبودن جون تراشي ٺاهيل مورتيون ساڙي ڇڏجو، بلڪ اوهين انهيءَ هنڌان انهن جو نالو ئي مِٽائي ڇڏجو.


پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘


جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan