Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 13:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ ڏينهن دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن کي سندن گناهن ۽ ناپاڪائيءَ کان ڌوئي پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪڙو چشمو جاري ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 13:1
34 Iomraidhean Croise  

تون منهنجي بڇڙائيءَ کي چڱيءَ طرح مون مان ڌوئي ڪڍ. منهنجي گناهہ کان مون کي صاف سٿرو ڪري ڇڏ.


مون کي صاف ڪري اهڙو پاڪ ڪري ڇڏ، جيئن قربانيءَ جي رت مان زوفا ٻوڙي ڪنهن کي ڇٽڪاري پاڪ ڪجي ٿو. تون مون کي اهڙو ڌوئي صاف ڪر جيئن آءٌ کير کان بہ اڇو ٿيان.


جهڙيءَ طرح تازو پاڻي اڃايل کي خوشي ٿو بخشي، تهڙيءَ طرح خدا جي قوم کي خوشي حاصل ٿيندي جڏهن هو کين بچائيندو.


انهيءَ سبب جو ان وقت پروردگار يروشلم جي سڀني رهاڪن جا گناهہ ڌوئي ڇڏيندو. بيشڪ هو پنهنجي جلال واري باهہ ۾ تپائي يروشلم کي هر ڪنهن خون ۽ بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪندو.


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


”خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين.


آءٌ پنهنجي قوم کي سندس ڪيل سمورن گناهن کان پاڪ ڪندس. آءٌ سندس اهي سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هن منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! جڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجي هلت چلت ۽ بدڪارين سان انهيءَ کي پليت ڪري ڇڏيو. هنن جي چال چلت منهنجي اڳيان اهڙي پليت هئي جهڙي حيض واري عورت جي پليتي.


آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇٽڪاريندس، جنهن سان اوهين پاڪ ٿي ويندا. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي سڀني بتن کان بلڪ هر قسم جي گندگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندس.


آءٌ اوهان کي هر قسم جي پليتيءَ کان پري رکندس. آءٌ اناج کي حڪم ڪندس تہ اهو اوهان جي ٻنين ۾ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان ۾ وري ڪڏهن ڏڪار نہ پوي.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون حزقي‌ايل کي موٽائي هيڪل جي عمارت جي دروازي وٽ آندو. اتي ڇا ڏسان تہ انهيءَ دروازي جي چانئٺ هيٺان ڏکڻ واري پاسي کان چشمي جو پاڻي نڪري هيڪل جي اڳيان اڳيان اوڀر طرف ڏانهن وهندي قربان‌گاهہ جي ڏکڻ کان ٿيندو اڳتي وهندو ٿي ويو.


انهيءَ هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گھڻو پاڻي هجي سو پاڪ رهندو، باقي ٻي ڪابہ شيءِ انهن جي مڙهہ کي لڳندي تہ اها ناپاڪ ٿيندي.


آءٌ اوهان مان جادوگريءَ وارا ڪم ختم ڪري ڇڏيندس، ۽ نہ وري اڳتي اوهان ۾ ڪو فال وجھندڙ ئي رهندو.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


اهو عيسيٰ مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي خدا جي فرزند طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پاڪ روح جيڪو خود سچ آهي، سو اها شاهدي ڏئي ٿو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan