Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2-3 ”دنيا جون سڀ قومون يروشلم شهر آڏو اچي گڏ ٿينديون ۽ شهر سميت سڄي يهوداہ کي گھيري هيٺ آڻي ڇڏينديون. پر ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم کي انهن گڏ ٿيل سڀني قومن کي سزا ڏيڻ لاءِ مئي جي اهڙي پيالي مثل بڻائيندس، جنهن مان پيئڻ وارو ٿاٻڙجي ڪري ٿو. هائو، آءٌ يروشلم کي سڀني قومن لاءِ اهڙو ڳرو پٿر بڻائيندس جو جيڪو بہ ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو سو پاڻ کي ڦٽي وجھندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ڏسو، آءٌ يروشلم کي آس پاس جي سڀني قومن لاءِ چڪر کائڻ وارو پيالو ڪندس، ۽ يروشلم جي گهيري وقت يهوداہ جو بہ اهڙو ئي حال ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 12:2
15 Iomraidhean Croise  

بيشڪ خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو اهڙو پيالو آهي، جيڪو سخت غضب واريءَ خوب گڏايل مئي سان ٽمٽار آهي. خداوند انهيءَ پيالي منجھان پاڻ اوتي ٿو، ۽ انهيءَ جو آخري قطرو بہ نچوڙي دنيا جي سڀني بڇڙن کي پيئاريو ويندو.


اي يروشلم! تو خداوند جي هٿان سندس غضب جو پيالو پيتو آهي. تو سخت نشو ڏيندڙ ڀريل پيالو پي خالي ڪيو آهي. سو هاڻ اي يروشلم! جاڳ، جاڳي پئُہ ۽ اُٿي کڙو ٿيءُ.


خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ هن فرمايو تہ ”اي يرمياہ! منهنجي هٿان مئي جو هي پيالو وٺ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي. اهو انهن سڀني قومن کي وڃي پيئار، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.


سو مون رويا ۾ خداوند جي هٿان اهو پيالو ورتو ۽ جن جن قومن ڏانهن خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهيءَ مان پيئاريو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن تہ بي‌ڏوهي قومون بہ سزا کان نہ بچي سگھيون آهن، تہ پوءِ اوهين ڏوهي سزا کان ڪيئن بچندا! اوهين ڪين بچندا، بلڪ اوهان کي ضرور سزا ملندي.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


بابل خداوند جي هٿ ۾ مئي جي هڪڙي سوني پيالي مثل رهيو آهي، جنهن مان مئي پي سڄيءَ دنيا وارا مست ٿي پيا آهن. هائو، قومن ان مئي مان پئي پيتو آهي، تنهنڪري اهي ديوانيون ٿي پيون آهن.


تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون، پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون، پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.


پر هاڻ توهان بہ فخر بدران شرمسار ٿيندءُ، توهان جو بہ وارو اچڻ وارو آهي، جڏهن توهان کي بہ اهڙي مئي پيئاري نشي ۾ بي‌حرمتو ڪيو ويندو. خدواند جي طرفان غصي وارو پيالو توهان ڏانهن ڦرڻ وارو آهي، ۽ خواري توهان جي فخر تي غالب ايندي.


يهوداہ وارا بہ يروشلم جي طرفان وڙهندا ۽ آس‌پاس وارن ملڪن جي دولت يعني سون، چاندي ۽ ڪپڙا وڏي مقدار ۾ گڏ ڪندا.


ياد رکو، انهيءَ ڏينهن خداوند سڀني قومن کي يروشلم وٽ گڏ ڪندو، تان‌تہ اهي اوهان سان جنگ جوٽين. اوهان جي شهر تي قبضو ڪيو ويندو، گھر لٽيا ويندا ۽ عورتن جي بي‌حرمتي ڪئي ويندي. شهر جا اڌ ماڻهو جلاوطن ڪيا ويندا، باقي جيڪي بچيل هوندا سي شهر ۾ ئي رهندا.


تن کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي غضب جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو.


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan