Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 12:1
36 Iomraidhean Croise  

خدا انهيءَ حد جو نالو ”آسمان“ رکيو. سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو ٻيو ڏينهن هو.


پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


هن ئي آسمان کي چئني طرفن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتيءَ کي خلا ۾ ٽنگي بيهاريو اٿس.


ان وقت ڇا تون آسمان ۾ آبهوا کي پکيڙڻ ۾ خدا جي مدد ڪري ٿو سگھين؟ هائو، انهيءَ آسمان ۾ جيڪو ٽامي جيان تپي باهہ ٿيل هجي.


تو نور کي پنهنجي مٿان پوشاڪ وانگر پهريو آهي. تو آسمان کي ڇپر وانگر پکيڙي ڇڏيو آهي.


شال خداوند صيئون جبل تان اوهان کي برڪت عطا ڪري، هائو، اهو ئي خداوند جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


ڇا ڪو سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپي ٿو سگھي؟ يا آسمان کي پنهنجي گرانٺ سان ڪڇي ٿو سگھي؟ ڇا ڪو زمين جي مٽيءَ کي ڪنهن ٿانوَ ۾ ماپي ٿو سگھي؟ يا ڪو جبلن ۽ ٽڪرن کي تارازيءَ ۾ توري ٿو سگھي؟


هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.


خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ


اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.


آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي، ۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم. مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي، ۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


مون ئي ڌرتيءَ جا بنياد وڌا آهن، ۽ آسمانن کي ڦهلايو آهي. جڏهن بہ آءٌ انهن کي حڪم ٿو ڪريان، تہ اهي هڪدم منهنجي حڪم جي تعميل ڪن ٿا.


اوهان مون خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن آسمان کي ڦهلايو ۽ زمين جو بنياد وڌو هو. اوهين سڄو ڏينهن انهن ظالمن جي غضب کان ڊڄندا ٿا رهو، جيڪي اوهان کي برباد ڪرڻ جون تياريون ٿا ڪن. پر هاڻي اڳتي انهن جو غضب اوهان جي ويجھو بہ ڪين ايندو،


آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس، نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس، نہ تہ سندن روح ۽ جانيون، جن کي مون پيدا ڪيو آهي، سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


سو، اي منهنجي قوم بني اسرائيل! اوهين نہ ڊڄو، نڪي اوهين پريشان ٿيو. آءٌ اوهان کي يقيناً ڏورانهن هنڌن کان بچائيندس، يعني اوهان جي نسل کي جلاوطنيءَ وارن ملڪن کان موٽائي آڻيندس. آءٌ اوهان کي وري امن ۽ سلامتي عطا ڪندس، ۽ ڪوبہ اوهان کي ڊيڄاري نہ سگھندو.


پر هاڻي اڳتي جيڪي اوهان کي ڳڙڪائيندا، سي پاڻ ڳڙڪجي ويندا، اوهان جا سڀ دشمن جلاوطن ٿي ويندا. جيڪي اوهان کي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا. جيڪي اوهان کي شڪار بڻائين ٿا، تن کي آءٌ شڪار بڻائي ڇڏيندس.


پر صدقياہ بادشاهہ ٻين کان لڪ ۾ مون سان هي قسم کنيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن اسان ۾ ساهہ وڌو آهي تہ نڪي آءٌ تو کي مارائيندس ۽ نہ وري آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪندس جيڪي تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.“


پر ياد رکو، انهن جو ڇڏائيندڙ تمام زورآور آهي، ۽ اهو آءٌ قادرِمطلق خداوند آهيان. آءٌ انهن جو پوريءَ طرح بچاءُ ڪندس. آءٌ انهن کي سندن وطن ۾ امن وَ سلامتي بخشيندس، پر اوهان بابل وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏيندس.


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.


مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بي‌گناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“


هي خداوند جو پيغام آهي. خداوند، جيڪو نہ رڳو بني اسرائيل کي، بلڪ پوري بني آدم کي نظر ۾ رکي ٿو، سو حدراڪ ملڪ توڙي دمشق شهر کي سزا ٻڌائي ٿو.


هي پيغام خدواند جي طرفان، ملاڪي نبيءَ جي معرفت بني اسرائيل ڏانهن آهي.


پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“


ڏسو، اسان جا دنياوي پيئر اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جي تعظيم ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آسماني پيءُ يعني خدا جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رهون؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan