Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 11:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 انهيءَ ڪري مون انهن رڍن کي، جي ڪوس لاءِ تيار هيون، يعني ڌڻ جي مسڪينن کي، چارو ڏنو، ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻہ لٺيون هٿ ڪيون؛ هڪڙيءَ جو نالو مهرباني ۽ ٻيءَ جو نالو ميلاپ رکيو؛ ۽ ڌڻ کي چارو ڏنم.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 11:7
25 Iomraidhean Croise  

توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.


آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.


اي خداوند اسان جا خدا! شل تنهنجي ٻاجھہ جي ڇانوَ اسان تي هجي! تون اسان جي هٿن جي ڪم کي اسان لاءِ ڪاميابي بڻاءِ. هائو، شل اسان جون ڪوششون اسان لاءِ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن!


بلڪ هو سچائيءَ سان غريبن جو انصاف ڪندو، ۽ دنيا جي لاچارن جي حقن جي حفاظت ڪندو. هن جي حڪم سان گنهگارن کي سزا ملندي. هائو، سندس چپن چورڻ سان بدڪار ماڻهو فنا ٿي ويندا.


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


پر يهوداہ جا ڪجھہ غريب ماڻهو، جن کي ڪابہ ملڪيت ڪانہ هئي، تن کي هن اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ انهيءَ کان علاوہ کين انگورن جا باغ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.


سڀني ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين منجھان هر ڏهن جانورن مان هڪڙو مون خداوند جو آهي. جڏهن جانورن جو شمار ڪيو وڃي تڏهن هر ڏهون جانور مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


پر آءٌ اوهان مان رڳو حليم ۽ نماڻن ماڻهن کي بچائيندس، جن مون خداوند وٽ پناهہ ورتي هوندي.


تڏهن مون پنهنجي ٻي لٺ بہ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”اتحاد“ هو. ائين ڪرڻ سان ڄڻ مون يهوداہ وارن ۽ اسرائيل وارن جي برادريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.


خداوند منهنجي خدا مون کي فرمايو تہ ”اي زڪرياہ! تون ڪسڻ واري ڌڻ کي هڪ ريڍار وانگر چار.


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


سو جيڪڏهن دائود پاڻ مسيح کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿي سگھي ٿو؟“ عيسيٰ جون اهي ڳالهيون سڄيءَ خلق خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.


منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


پوءِ هن پنهنجي لٺ هٿ ۾ کنئي ۽ برساتي نهر مان پنج لسا پٿر چونڊي ڪڍيائين ۽ پنهنجي سامان رکڻ لاءِ وٽس جيڪا ڌنارن واري ڳوٿري هئي تنهن ۾ اهي وڌائين. هن پنهنجي کانڀاڻي هٿ ۾ کنئي ۽ پوءِ هو انهيءَ فلستيءَ ڏانهن وڌي ويو.


پوءِ جالوت دائود کي چيو تہ ”آءٌ ڪو ڪتو آهيان ڇا جو تون مون تي لٺ کڻي آيو آهين؟“ جالوت پنهنجي معبود جا نالا کڻي دائود تي لعنت وجھڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan