Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 11:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اي زڪرياہ! مون انهيءَ ڪري تو کي اهو ڌڻ چارڻ لاءِ چيو جو آءٌ خداوند هن ملڪ جي سڀني ماڻهن تي انهيءَ ڪسڻ واري ڌڻ وانگر ڪوبہ رحم نہ ڪندس. ڏس، آءٌ هر ڪنهن کي سندس هم‌قوم حڪمران جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو انهن تي ظلم ڪندو. آءٌ انهن کي سندس هٿان نہ ڇڏائيندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ ملڪ جي رهاڪن تي رحم ڪين ڪندس: پر ڏس، آءٌ هر ڪنهن شخص کي سندس پاڙيسريءَ جي هٿ ۾، ۽ سندس بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪندا، ۽ آءٌ کين انهن جي هٿان نہ ڇڏائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 11:6
37 Iomraidhean Croise  

اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


جڏهن وڻن جا اهي ڏار سڪي سڙي ڀڄي پون ٿا، تڏهن عورتون انهن کي ميڙي ٻارڻ جي ڪم ٿيون آڻين. پر هيءَ قوم انهن ڳالهين کي سمجھي ئي ڪونہ ٿي، تنهنڪري سندن خالق مٿن ڪو رحم نہ ٿو ڪري. هائو، سندن جوڙيندڙ مٿن مهربان نہ ٿو ٿئي.


هر ڪو هڪٻئي تي ظلم ڪندو. ٻار وڏي عمر وارن جي عزت نہ ڪندا، ۽ ڪميڻا ماڻهو شريفن سان گستاخي ڪندا.


آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


جيڪي اسان تي حڪمراني ٿا ڪن، سي ڪنهن ٻئي جا غلام آهن، ۽ اسان کي سندن هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


سو آءٌ کانئن هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ آءٌ ساڻن اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي هنن ٻين سان ڪيو آهي.“


جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لورحامہ رک، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن تي اڳتي وري رحم نہ ڪندس، نڪي کين ڪنهن طرح معافي ڏيندس.


هاڻي آءٌ هن جي يارن آڏو کيس اگھاڙو ڪري خوار خراب ڪندس، ۽ ڪوبہ کيس منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


اوهين کائيندا، پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو، بلڪ اوهان جو پيٽ بکيو ئي رهندو. اوهين ڪفايت ڪري ميڙيندا، پر اوهان وٽ بچندو ڪجھہ بہ ڪونہ. هائو، اوهان جي هر بچائي رکيل شيءِ آءٌ جنگ ۾ تباهہ ڪري ڇڏيندس.


آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا.


تڏهن مون پنهنجي ٻي لٺ بہ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”اتحاد“ هو. ائين ڪرڻ سان ڄڻ مون يهوداہ وارن ۽ اسرائيل وارن جي برادريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.


انهن ڌڻن جا خريدار انهن کي ڪهن ٿا پر کين ڪابہ سزا ڪانہ ٿي ملي. هوڏانهن انهن ڌڻن کي وڪرو ڪندڙ ريڍار چون ٿا تہ ’خداوند جو شڪر آهي جو اسين دولتمند ٿي ويا آهيون.‘ ائين انهن ڌڻن جا پنهنجا ريڍار بہ مٿن ترس نہ ٿا کائين.


آءٌ ڌڻ مان بہ بيزار ٿي پيس ۽ ان کي چيم تہ ”آءٌ هاڻ وڌيڪ تنهنجو ريڍار نہ ٿيندس. جيڪو مري ٿو سو ڀلي مري ۽ جيڪو ناس ٿو ٿئي سو ڀلي تہ ناس ٿئي. باقي جيڪي بچي وڃن سي ڀلي تہ هڪٻئي جون ٻوٽيون کائين.“


انهيءَ ڏينهن خداوند ماڻهن ۾ ايڏي تہ افراتفري وجھي ڇڏيندو، جو هر ماڻهوءَ کي جيڪو بہ ٻيو ماڻهو هٿ ايندو تنهن تي هو حملو ڪري ڏيندو.


انهن ڏينهن کان اڳ ڪنهن وٽ ايترو پئسو نہ هوندو هو جو ڪو مزدور کي ڪم تي رکي سگھي يا وري ڪنهن جانور لاءِ ڪرايو ادا ڪري سگھي، نہ ئي وري ان وقت ڪو دشمنن کان سلامت رهي ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پاڻ هر ڪنهن کي هڪٻئي جي خلاف ڪري ڇڏيو هو.


هو ماءُ پيءُ ۽ سندن اولاد جون دليون ڦيرائي کين هڪ ڪندو تہ جيئن آءٌ اچي اوهان جو ملڪ برباد نہ ڪريان.“


ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ کين مارائي ڇڏيندا.


تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.


ان وقت گھڻا ئي گمراهہ ٿيندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا.


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس. وڃي صليب تي چاڙهيوس.“ تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي بادشاهہ کي صليب تي چاڙهيان؟“ سردار ڪاهنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاهہ نہ آهي.“


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


ڇاڪاڻ تہ جنهن پاڻ ٻين تي رحم نہ ڪيو، تنهن جو فيصلو بنا ڪنهن رحم ڪرڻ جي ڪيو ويندو. مطلب تہ جڏهن فيصلو ڪيو ويندو، تڏهن ٻين تي رحم ڪرڻ جي ڳالهہ غالب پوندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan