Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 11:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ظالم حڪمرانن جي روڄ راڙي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ سندن شان وَ شوڪت تباهہ ٿي ويو آهي. هائو، انهن شينهن جي ڏک ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ڇاڪاڻ تہ اردن جي جن ٻيلن تي هو فخر ڪندا هئا، سي ناس ٿي ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ريڍارن جي روئڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو سندن شان گم ٿي ويو آهي: جوان شينهن جي گرجڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو يردن جو جهنگ برباد ٿي ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 11:3
34 Iomraidhean Croise  

مون کي هنن بگھڙن جي وات منجھان اچي ڇڏاءِ. هائو، تون مون کي هنن ويڙهاڪن سانَهن جي سڱن کان بچاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل لاچار آهيان.


هنن جي گجڪار شينهن جهڙي آهي، هائو، هو ببر شينهن جيان گجندا ٿا اچن. اهي شينهن وانگر پنهنجو شڪار ڪري بنا روڪ ٽوڪ جي کڻي هليا ويندا، ۽ ڪوبہ کانئن ڇڏائڻ وارو ڪونہ هوندو.


آءٌ خداوند خدا اوهان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس، تڏهن منهنجا اهي چونڊيل ٻانها اوهان جو نالو لعنت طور استعمال ڪندا. پر پنهنجي ٻانهن کي آءٌ برڪت واري نئين نالي سان سڏيندس.


غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا، ۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون. سندس شهر ساڙيا ويا، ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو.


مون اجايو اوهان کي سزا ڏني، جڏهن تہ اوهين سڌريا ئي ڪونہ. اوهين پاڻ پنهنجن نبين کي شڪاري شينهن وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


تہ پوءِ آءٌ پنهنجي هن گھر کي سيلا شهر جهڙو ڪندس ۽ هن شهر کي دنيا جي سڀني قومن ۾ ڦٽ لعنت جو باعث بڻائيندس.‘“


جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان ٻاهر نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي ادومين کي اک ڇنڀ ۾ سندن ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو بيهي سگھي ٿو؟“


جهڙيءَ طرح شينهن اردن درياءَ وارن گھاٽن ٻيلن مان نڪري ساون چراگاهن ڏانهن چڙهي ايندو آهي، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ اچي بابلين کي اک ڇنڀ ۾ سندن شهر مان ڀڄائي ڪڍندس. پوءِ جنهن کي آءٌ چونڊي ڪڍندس، تنهن کي ان ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪندس. ڪير مون جهڙو آهي ۽ ڪير مون کي للڪاري سگھي ٿو؟ ڪهڙو حڪمران منهنجي آڏو اچي سگھي ٿو؟


باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘


’اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ ڪيڏي نہ دلير شينهڻ هئي! جنهن جوان شينهنِ جي وچ ۾ رهي پنهنجي ٻچن کي پاليو.


اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.


اي قربان‌گاهہ جا خدمتگار ڪاهنؤ! کٿا چيلهہ سان ٻڌي واءِ‌ويلا ڪريو. هائو، اي خدا جا خادمؤ! سڄي رات کٿو ويڙهي ويٺا رهو، ڇاڪاڻ تہ اناج توڙي مئي آهي ئي ڪانہ، جو اوهين خدا جي گھر ۾ اهي قربانين طور پيش ڪريو.


پوءِ انهيءَ سبب زمين نہ ڏڪندي ڇا؟ ۽ انهيءَ تي رهندڙ سڀيئي ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، اها زمين مصر جي نيل نديءَ جي پاڻيءَ وانگر هيٺ مٿي ٿيندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن يروشلم جي مڇيءَ واري دروازي وٽان هڪ وڏي رڙ اٿندي، تہ نئين آباديءَ واري علائقي مان ماتم جو آواز، ۽ ٽڪرين مان هڪ وڏي تباهيءَ وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن، ۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن، جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.


اي صنوبر جا وڻ! تون بہ پنهنجو منهن مٿو پٽ، ڇو تہ ديال جا ٺاهوڪا وڻ تباهہ ٿي ويا آهن، ۽ وڏي شان وارن جو شان مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي. هائو، اي بسن وارا شاهہ‌بلوط جا وڻ! تون بہ واءِ‌ويلا ڪر، ڇو تہ گھاٽا ٻيلا پٽ پڌر ٿي ويا آهن.


هڪڙي ئي مهيني ۾ مون ٽن ريڍارن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کان نفرت ٿي ڪئي، آءٌ بہ انهن مان بيزار ٿي پيس.


سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اهو ڪهڙو نبي هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan