Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 11:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پوءِ مون اها لٺ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”مهرباني“ هو، ڄڻ تہ ان عهد کي منسوخ ڪري ڇڏيم جيڪو خداوند قومن سان ڪيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تڏهن مون انهيءَ لٺ کي، جنهن جو نالو مهرباني هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيو؛ تہ آءٌ انهيءَ عهد اقرار کي، جو مون سڀني قومن سان ٻَڌو هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 11:10
20 Iomraidhean Croise  

صيئون جيڪو پنهنجي سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي.


تو پنهنجي ٻانهي سان ٻڌل عهد کي منسوخ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي تاج کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿيئي.


اي خداوند اسان جا خدا! شل تنهنجي ٻاجھہ جي ڇانوَ اسان تي هجي! تون اسان جي هٿن جي ڪم کي اسان لاءِ ڪاميابي بڻاءِ. هائو، شل اسان جون ڪوششون اسان لاءِ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن!


اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي. تون يروشلم شهر ۾ پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.


تڏهن خداوند وري هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لوعمي رک، ڇاڪاڻ تہ هاڻي اسرائيل وارا منهنجي قوم نہ آهن، نڪي آءٌ هنن جو خدا آهيان.“


سو آءٌ انهيءَ ڌڻ کي رڍن جي واپارين لاءِ چارڻ لڳس، جيڪو ڪوس لاءِ مقرر هو. تڏهن مون ٻہ لٺيون کنيون جن مان هڪڙيءَ کي ”مهرباني“ ۽ ٻيءَ کي ”اتحاد“ سڏيم. اهڙيءَ طرح آءٌ ڌڻ کي چارڻ لڳس.


انهن ڏينهن جي شمار مطابق جن ۾ اوهان انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيو هو، يعني چاليهن ڏينهن مان هر هڪ ڏينهن جي لاءِ هڪ سال يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندا. پوءِ اوهان کي خبر پوندي تہ منهنجو اوهان جي خلاف ٿيڻ ڇا آهي.‘


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون.


تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بي‌آبرو ڪيا ويندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan