ذڪرياہ 10:6 - Muslim Sindhi Bible6 آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس. Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جا رهاڪؤ! اُٿو ۽ پنهنجي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيو. آءٌ اوهان کي اهڙي ڏاند وانگر مضبوط بڻائيندس، جنهن کي لوهہ جا سڱ ۽ پتل جا کُر هجن. اوهين گھڻين ئي قومن کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا، ۽ انهن جو مالِغنيمت مون خداوند لاءِ وقف ڪندا. هائو، اوهين انهن جي دولت مون ربالعالمين جي حضور ۾ آڻي پيش ڪندا.“