پر ڏس، انهن دشمنن تي هنن جا تيرڪمان غالب ايندا، ڇوجو مون يعقوب جي قادر هٿان کين طاقت عطا ٿيندي. هائو، کين انهيءَ ريڍار کان قوت ملندي، جيڪو بني اسرائيل جو محافظ آهي.
هاڻي ٿوري وقت کان تو خداوند اسان جي خدا اسان تي مهرباني ڪئي آهي جو اسان مان باقي بچيلن کي جلاوطنيءَ مان ڇڏايو اٿيئي تہ جيئن اسين تنهنجي هن پاڪ هنڌ تي سلامتيءَ سان رهون. تو اسان کي نئين زندگي ڏني آهي ۽ غلاميءَ جي باوجود اسان کي ٿورو آرام بخشيو اٿيئي.
ڏس، اڄ مون تو کي هن سڄي ملڪ جي سامهون يعني يهوداہ جي بادشاهن، ان جي عملدارن، ان جي ڪاهنن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ هڪڙو ڪوٽ وارو شهر، لوهہ جو ٿنڀو ۽ پتل جي ڀت ڪري بڻايو آهي.
اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن غالب پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاهن جو بادشاهہ آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“