ذڪرياہ 10:11 - Muslim Sindhi Bible11 هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگھي پار پوندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گجندڙ سمنڊ کي ڌڪ هڻي ماٺو ڪري ڇڏيندس، ۽ مصر جي نيل نديءَ کي تري تائين سڪائي ڇڏيندس. هائو، مغرور اشور ڪنڌ ڀر ڪري پوندو، ۽ طاقتور مصر جي شاهي لٺ ڀڄي پوندي. Faic an caibideilSindhi Bible11 ۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي. Faic an caibideil |
خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.