Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 10:10 - Muslim Sindhi Bible

10 آءٌ کين مصر توڙي اشور ملڪ مان موٽائي آڻيندس، ۽ کين سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس، بلڪ کين جِلعاد ۽ لبنان جي سرزمين ۾ بہ آڻي گڏ ڪندس. اتي هو ايترا تہ وڌي ويندا جو سڄو ملڪ ساڻن ڀرجي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 آءٌ کين مصر جي ملڪ مان موٽائي آڻيندس؛ ۽ اسور مان گڏ ڪندس؛ ۽ جلعاد ۽ لبنان جي سرزمين تي پهچائيندس؛ ايترو جو رهڻ لاءِ جاءِ ڪانہ هوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 10:10
16 Iomraidhean Croise  

سو ننڍي ۾ ننڍو گھراڻو هڪ وڏو قبيلو بڻبو، ۽ خسيس ۾ خسيس ڪٽنب بہ هڪ زبردست قوم بڻبو. مقرر وقت تي آءٌ اهو سڀ جلد کان جلد ڪري وٺندس. آءٌ خداوند آهيان.“


خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي محل جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ اهو محل جِلعاد جي ٻيلن جيان عاليشان، ۽ لبنان جي جبلن وانگر مضبوط آهي، تہ بہ آءٌ يقيناً انهيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيندس، جهڙو بيابان يا ڪو اجڙيل شهر.


پر آءٌ بني اسرائيل کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻيندس. پوءِ هو ڪرمل جبل ۽ بسن جي سرسبز علائقن جا فصل پيا کائيندا، بلڪ افرائيم ۽ جِلعاد جي علائقن ۾ هو خوشحالي پيا ماڻيندا.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


اهي مصر مان بہ ائين ڊوڙندا ايندا، جيئن پکي اڏامندا ايندا آهن، هائو، اهي اشور ملڪ مان پڻ پنهنجن گھرن ڏانهن ائين ايندا، جيئن ڪبوتر پنهنجن کُڏن ڏانهن ايندا آهن، پوءِ آءٌ کين سندن گھرن ۾ وري آباد ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جيڪي اسرائيل ملڪ مان جلاوطن ڪيا ويا هئا، سي لشڪر جي صورت ۾ موٽي اچي اتر طرف صور شهر جي علائقي واري صارپت شهر تائين قبضو ڪندا. جڏهن تہ يروشلم وارا جيڪي ڏورانهين شهر سفاراد تائين جلاوطن ڪيا ويا هئا، سي واپس اچي يهوداہ ملڪ جي ڏکڻ وارا شهر هٿ ڪندا.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


آءٌ پنهنجي قوم کي اوڀر توڙي اولهہ جي ملڪن کان ڇڏائي آڻيندس.


آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس تہ جيئن هو وري يروشلم ۾ رهن. اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ وفا ۽ سچائيءَ سان سندن خدا هوندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan