Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 تڏهن مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟ ۽ جنهن فرشتي مون سان ڳالهايو پئي، تنهن مون کي چيو تہ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 1:9
17 Iomraidhean Croise  

تڏهن اتي خدا جي هڪ ملائڪ مون سان خواب ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ ’اي يعقوب!‘ مون وراڻيو تہ ’جي سائين!‘


تڏهن آءٌ انهيءَ هستيءَ جي خدمت ۾ بيٺلن مان هڪڙي ڏانهن وڌي ويس ۽ انهن سڀني ڳالهين جي حقيقت پڇي مانس. سو هن مون کي انهن جو مطلب سمجھايو.


تڏهن رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کي خداوند ٻاجھہ ۽ تسلي ڀريا لفظ چيا.


تڏهن مون رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کان پڇيو تہ ”هنن سڱن مان ڇا مراد آهي؟“ هن ورندي ڏيئي چيو تہ ”هي سڱ اُهي بادشاهتون آهن جن اسرائيل وارن ۽ يروشلم جي رهاڪن سميت سڄي يهوداہ وارن کي چيڀاٽي ڇڏيو آهي.“


تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ مون کان اڳتي وڌيو تہ هڪڙو ٻيو ملائڪ ساڻس اچي مليو.


پوءِ رويا سمجھائڻ وارو اهو ملائڪ وري مون وٽ آيو ۽ مون کي ائين اچي جاڳايائين جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي.


پوءِ مون انهيءَ ملائڪ کان وري پڇيو تہ ”زيتون جا ٻہ وڻ جيڪي شمعدان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي آهن تن مان ڇا مراد آهي؟


تڏهن رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ اڳتي وڌي اچي مون کي چيو تہ ”نهاري ڏس تہ هي جيڪا شيءِ اچي رهي آهي سا ڇا آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan