Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 1:7 - Muslim Sindhi Bible

7 دارا بادشاهہ جي شهنشاهيءَ جي ٻئي سال، سباط نالي يارهين مهيني جي چوويهين تاريخ تي مون زڪرياہ کي خداوند هڪ رويا ڏيکاري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 دارا جي ٻئي سال جي يارهين مهيني جي چوويهن تاريخ، جو سباط جو مهينو آهي، خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو تي نازل ٿيو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 1:7
4 Iomraidhean Croise  

فارس جي بادشاهہ دارا جي شهنشاهيءَ جي ٻئي سال، اٺين مهيني ۾ مون زڪرياہ ولد برڪياہ ولد عدو کي خداوند فرمايو تہ


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا.


انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan