Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 اوهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي آهن؟ ۽ نبي ڪو هميشہ لاءِ جيئرا آهن ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 1:5
16 Iomraidhean Croise  

اليشع موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو هو. اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چوڻ لڳس تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“


پوءِ اليشع وفات ڪئي ۽ کيس دفنايو ويو. هر سال بهار جي موسم ۾ موآبين جا ٽولا اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري ايندا هئا.


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي، پر دنيا هميشہ ساڳيءَ ئي طرح قائم رهندي پيئي اچي.


اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


”تون چمڙي جو ٻيو ويڙهوٽو کڻ ۽ انهيءَ ۾ ان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀيئي ڳالهيون لکراءِ، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏيو آهي.


اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا، پر اهي مري کپي ويا. هاڻ انهن جي گناهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي ٿي پوي.


تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘


خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


سموئيل وفات ڪئي تہ سڄو بني اسرائيل اچي گڏ ٿيو ۽ هن لاءِ سوڳ ڪيائون. هنن سندس وطن رامہ شهر ۾ ئي کيس دفن ڪيو. انهن ڏينهن ۾ دائود معون جي بيابان ڏانهن روانو ٿي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan