Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ قادر‌مطلق خداوند جا اهي لفظ آءٌ اعلان ڪري ٻڌايان تہ ”مون خداوند کي يروشلم ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيئون جي لاءِ تمام گھڻي غيرت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ جنهن فرشتي مون سان پي ڳالهايو، تنهن مون کي چيو تہ تون پڪاري چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي يروشلم ۽ صيون جي لاءِ تمام گهڻي غيرت ٿي اچي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 1:14
19 Iomraidhean Croise  

تڏهن يروشلم، هائو، صيئون جبل ۾ باقي بچي ويل نڪري نروار ٿيندا. قادرِمطلق خداوند جي غيرت اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندي.


تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”مون لاءِ ڪهڙي نشاني آهي تہ آءٌ اُٿي وري هيڪل ۾ عبادت لاءِ وڃي سگھندس؟“


اسان جو خدا فرمائي ٿو تہ ”تسلي ڏيو، منهنجي قوم کي تسلي ڏيو.


يروشلم جي رهاڪن کي دلاسو ڏيو. هنن منجھہ اعلان ڪريو تہ سندن غلاميءَ واري مصيبت جا ڏينهن ختم ٿي ويا. هائو، مون خداوند سندن بدڪاري معاف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سندن سڀني گناهن جي کين ٻيڻي سزا ڏيئي چڪو آهيان.“


تڏهن هڪڙو آواز آيو تہ ”اعلان ڪر.“ مون پڇيو تہ ”ڪهڙو اعلان ڪريان؟“ تڏهن مون کي چيو ويو تہ ”اعلان ڪر تہ هر بشر گاهہ مثل آهي، انهن جو جٽاءُ جھنگلي گلن جيترو آهي.


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


تڏهن خداوند پنهنجي ملڪ بابت ڏاڍو جوش ۾ اچي ويو، ۽ هن پنهنجي قوم تي رحم ڪري


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


تڏهن رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کي خداوند ٻاجھہ ۽ تسلي ڀريا لفظ چيا.


پوءِ انهيءَ ملائڪ مون کي قادرِمطلق خداوند جي هن پيغام جو پڻ اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”تڏهن مون خداوند جا شهر وري خوشحاليءَ سان ٽمٽار ٿيندا ۽ آءٌ ٻيهر صيئون کي امن وَ سلامتي عطا ڪندس، ڇو تہ سڄي يروشلم کي آءٌ وري پنهنجو شهر ڪري قبول ڪندس.“


تڏهن رويا سمجھائڻ وارو ملائڪ جيڪو مون سان گڏ بيٺو هو تنهن کان پڇيم تہ ”اي منهنجا سائين! هنن گھوڙن ۽ سندن سوارن جو ڇا مطلب آهي؟“ انهيءَ ملائڪ وراڻيو تہ ”آءٌ تو کي ڏيکاريندس تہ هي ڇا آهي.“


پوءِ رويا سمجھائڻ وارو اهو ملائڪ وري مون وٽ آيو ۽ مون کي ائين اچي جاڳايائين جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan