Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ذڪرياہ 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ان وقت انهن گھوڙي سوارن مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺل انهيءَ ملائڪ کي خبر ڏني تہ ”اسين سڄيءَ دنيا ۾ جاچ ڪري آيا آهيون ۽ ڏٺو اٿئون تہ ماڻهو هر هنڌ مجبور ۽ لاچار آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ هنن، اُنهي خداوند جي فرشتي کي جو مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو، تہ اسين سڄيءَ دنيا ۾ هيڏي هوڏي گهمي آيا آهيون، ۽ ڏس، سڄي دنيا چپ چاپ ۽ آرام ۾ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ذڪرياہ 1:11
16 Iomraidhean Croise  

خداوند شيطان کان پڇيو تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ شيطان ورندي ڏني تہ ”آءٌ ڌرتيءَ تان هيڏانهن هوڏانهن گشت ڪندو ۽ گھمندو ڦرندو پيو اچان.“


خداوند پنهنجي بي‌شمار جنگي گاڏين سان، بلڪ هزارين لکين گاڏين سان، سينا جبل تان پنهنجي مقدس جاءِ ۾ آيو.


پر هاڻي سڄي دنيا آرام ۽ سڪون ۾ آهي، ۽ هر ڪو خوشيءَ جا گيت پيو ڳائي.


تڏهن منهنجي اڳيان بيٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ آءٌ تو وٽ ڇالاءِ آيو آهيان؟ آءٌ تو وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان جيڪا ’حق جو ڪتاب‘ ۾ لکيل آهي. پر ڏس، مون کي فارس جي محافظ فرشتي سان وڙهڻ لاءِ جلد ئي موٽي وٽس وڃڻو آهي ۽ منهنجي اتان نڪرڻ سان ئي يونان جو محافظ فرشتو اچي مون تي حملو ڪندو. جڏهن تہ اوهان بني اسرائيل جي محافظ فرشتي ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جيڪو هنن جي خلاف منهنجي ڀر کڻي.


پوءِ جيڪو ملائڪ مينديءَ جي وڻن ۾ بيٺو هو، تنهن سمجھاڻي ڏيندي چيو تہ ”هي گھوڙا ۽ سندن سوار اُهي آهن جن کي خداوند سڄيءَ دنيا جي حالات کي جاچڻ لاءِ موڪليو آهي.“


پر آءٌ انهن قومن کان سخت ناراض آهيان، جيڪي پاڻ تہ امن ۽ سلامتيءَ ۾ ٿيون رهن پر منهنجي قوم لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون اٿائون، جڏهن تہ آءٌ پنهنجي قوم تي ايترو ناراض ڪونہ هئس.


رات جي وقت مون رويا ۾ ڏٺو تہ منهنجي اڳيان هيٺاهين ماٿريءَ ۾ مينديءَ جا وڻ آهن، تڏهن ڇا ڏسان تہ ڳاڙهي گھوڙي تي سوار هڪڙو ملائڪ انهن مينديءَ جي وڻن جي وچ ۾ مون آڏو اچي بيٺو. هن جي پٺيان ڳاڙهي، ابلق ۽ اڇي رنگ وارن گھوڙن تي ڪي ٻيا بہ سوار هئا.


انهن سڀني طاقتور گھوڙن وارين گاڏين تي سوار ٿيل پرجوش نموني سان دنيا جي حالات کي جاچڻ لاءِ نڪتا آهن.“ تڏهن انهيءَ ملائڪ انهن گھوڙي سوارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، سڄي دنيا جي حالات کي جاچي اچو.“ سو هو انهيءَ مقصد لاءِ روانا ٿي ويا.


ابنِ آدم پنهنجي ملائڪن کي موڪليندو ۽ اهي سندس بادشاهيءَ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراهہ ٿا ڪن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.


ساڳيءَ طرح قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا


”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو


هن ڪتاب ۾ انهن ڳالهين جو بيان آهي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاهر ڪيون. اهو مڪاشفو خدا هن کي انهيءَ لاءِ ڏنو تہ هو پنهنجي ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. مسيح پنهنجي ملائڪ جي وسيلي پنهنجي ٻانهي يوحنا تي اهي ڳالهيون ظاهر ڪيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan