Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




طيطس 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر بي‌وقوفيءَ وارن بحثن، ڊگھن نسب‌نامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فائدہ ۽ اجايا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پر بيوَقوفيءَ جي حجتن ۽ نسب نامن، ۽ جهيڙن جهڳڙن، ۽ شريعت بابت تڪرار کان پاسو ڪر؛ ڇالاءِ جو اهي بي فائدا ۽ اجايا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 پر مورکتا وارن بحثن، ابن ڏاڏن جي ڊگھين فهرستن، جھيڙن جھڳڙن ۽ موسيٰ جي نيم بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فائدہ ۽ اجايا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 پر بي⁠وقوفيءَ جي بحث مباحثن، نسب⁠نامن، جھيڙن جھڳڙن ۽ شريعت بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇالاءِ⁠جو اھي بي⁠فائدا ۽ اجايا آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




طيطس 3:9
10 Iomraidhean Croise  

ڇا تو کي اهو جڳائي ٿو تہ بي‌فائدي گفتگوءَ سان پنهنجو بچاءُ ڪرين، ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪرين جيڪي بلڪل بيڪار هجن؟


جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


هاڻي بتن تي قرباني ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ محبت ترقي عطا ڪري ٿي.


اجاين ۽ سکڻين ڪهاڻين تي ڌيان نہ ڏي، اٽلندو پاڻ ۾ دينداريءَ جي پرورش ڪر.


اهي ڳالهيون ماڻهن کي ياد ڏيار ۽ کين تاڪيد ڪر تہ اهي خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ڳالهہ ڳالهہ تي تڪرار نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مان ڪجھہ بہ حاصل ٿيڻو ناهي. اٽلندو انهيءَ سان ٻڌڻ وارا برباد ٿيو وڃن.


اجائي بڪ بڪ کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو انهيءَ ۾ جيترو وڌندا ويندا، اوترو ئي بي‌دينيءَ ۾ بہ وڌندا ويندا.


بي‌وقوفيءَ ۽ نادانيءَ وارن بحثن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ انهن سان جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿين ٿا.


۽ اهي يهودين جي هٿرادو ڪهاڻين يا انهن ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منهن ٿا موڙين.


اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan