Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




طيطس 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنهن زندگيءَ جي اسين اميد رکون ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 انهي لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ اُميد سان هميشہ جي زندگيءَ جا وارث ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس ڪرپا جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ امر جيون جا وارث ٿيون، جنهن جيون جي اسين اميد رکون ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 انھيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري سچار بڻجون ۽ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنھن جي اسين اميد رکون ٿا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




طيطس 3:7
25 Iomraidhean Croise  

پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،


عيسيٰ جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


جيئن تہ اها چونڊ خدا جي فضل موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ خدا جو فضل فضل نہ ليکجي ها.


جڏهن تہ خدا پنهنجي فضل واري بخشش سان عيسيٰ مسيح ۾ ڇوٽڪاري سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو.


تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي،


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي.


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابراهيم جو نسل آهيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آهيو.


سو هاڻي اوهين غلام نہ رهيا آهيو، بلڪ ٻار بڻجي ويا آهيو ۽ ٻار بڻجي وڃڻ جو اهو مطلب آهي تہ خدا اوهان کي وارث بہ بڻائي ڇڏيو آهي.


هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.


اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو اهو فضل جيڪو سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري جو سبب آهي، سو ظاهر ٿي چڪو آهي.


ان سان گڏ اسين انهيءَ برڪت ڀري اميد، يعني عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو عظيم خدا ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.


ساڳئي نموني خدا بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


اي مڙ‌سؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن سان عقلمنديءَ سان هلو. عورت ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين زندگيءَ جي نعمت ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دعائون رڪجي نہ وينديون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan