طيطس 3:5 - Muslim Sindhi Bible5 تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي. Faic an caibideilSindhi Bible5 تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري، Faic an caibideilHindu Sindhi Bible5 تڏهن هن اسان کي مڪتي ڏني. اها سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس ديا جي ڪري ملي. هائو، هن اسان کي انهيءَ پوِتر آتما جي وسيلي مڪتي ڏني، جنهن اسان کي آتما جي لحاظ کان ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئون جيون بخشيو. Faic an caibideilCommon Language New Testament5 تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو. Faic an caibideil |
تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو. تنهنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب خدا ڏانهن سچار بڻايا وڃون، ڇاڪاڻ تہ شريعت تي عمل ڪرڻ سبب ڪوبہ انسان خدا ڏانهن سچار نہ بڻبو.
اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.