Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




طيطس 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 اهڙي صحيح سکيا ڏي جيڪا ڦٽڪار جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 اھڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ ھجي، انھيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻھو اسان تي عيب لائڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




طيطس 2:8
15 Iomraidhean Croise  

مون کين وڌيڪ چيو تہ ”جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ٺيڪ ناهي. اوهان کي خدا جو خوف ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسان جون دشمن غير قومون اسان کي ملامت نہ ڪن.


جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.


تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو.“ عيسيٰ جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.


انهيءَ وقت شريعت جو هڪڙو عالم اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“


تنهن تي شريعت جي انهيءَ عالم عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! واہ جي ڳالهہ ڪئي اٿوَ. بيشڪ خدا هڪڙو ئي آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


عيسيٰ ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي. تنهنڪري کيس چيائين تہ ”تون خدا جي بادشاهيءَ کان پري نہ آهين.“ انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو عيسيٰ کان ڪو ٻيو سوال پڇي سگھي.


عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو اسان جي هن خط ۾ لکيل هدايتن تي عمل نہ ڪري تہ انهيءَ کي ڌيان ۾ رکو ۽ ساڻس واسطو نہ رکو، تہ جيئن شرمسار ٿئي.


تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنون‌زالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحيح ڳالهين ۽ دينداريءَ واري تعليم کي نہ ٿو مڃي ۽ ٻئي قسم جي تعليم ٿو ڏئي


اهو بہ لازمي آهي تہ ڪريتي وارا اسان جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رهڻ سکن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي‌فائدہ زندگي نہ گذارين.


غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


اهڙي نموني ئي اوهين تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ نيڪ ڪم ڪرڻ سان اوهين نادانيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن بي‌وقوف ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيو.


۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan