Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




طيطس 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوڙهن مردن کي سمجھاءِ تہ اهي مانائتي ڪردار وارا، سمجھُو ۽ پرهيزگار رهن ۽ پوري ايمان، محبت ۽ ثابت قدميءَ سان زندگي گذارين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 پوڙهن مردن کي سمجھاءِ تہ اهي مانائتي ڪردار وارا، سمجھُو ۽ پرهيزگار رهن ۽ پوري وشواس، پريم ۽ ثابت قدميءَ سان جيون گذارين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




طيطس 2:2
33 Iomraidhean Croise  

واہ! اوهين چئو ٿا تہ ڏاهپ پوڙهن ماڻهن ۾ ئي هوندي آهي، ۽ سمجھہ وڏي عمر وارن جي ئي ميراث آهي.


اهي وڏيءَ عمر ۾ بہ ميوا پيا ڏيندا رهندا، هائو، اهي سدائين تازا ۽ سرسبز رهندا.


ڊگھي ڄمار سچارن جو اجر آهي. هائو، اڇو مٿو عزت ۽ عظمت وارو تاج آهي.


اتي ڪوبہ ننڍڙو ٻار وري ننڍپڻ ۾ ڪونہ مرندو، نڪي ڪو پوڙهو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان اڳ مرندو. جنهن ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال هوندي، سو نوجوان سمجھيو ويندو. جيڪو انهيءَ کان اڳ مرندو، سو لعنتي سمجھيو ويندو.


اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.


هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.


تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو.


پوءِ جڏهن پولس سچائيءَ، پرهيزگاريءَ ۽ ايندڙ عدالت بابت کين سمجھايو پئي، تڏهن فِيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. سو پولس کي چيائين تہ ”هاڻي تون هليو وڃ ۽ وري جڏهن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“


آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي.


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ.


پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ خدا جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون.


نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪابہ شريعت نہ آهي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو رات جو ئي سمهن ٿا ۽ رات جو ئي مئي پي نشي ۾ چور ٿا ٿين. سو اسين انهن رات وارن وانگر سمهي نہ رهون، پر اچو تہ جاڳندا ۽ هوشيار رهون.


هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي ايمان ۽ محبت جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي ڇوٽڪاري جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،


اها زناڪارن ۽ لونڊي‌بازن لاءِ، ماڻهن کي اغوا ڪري وڪڻندڙن لاءِ، ڪوڙ ڳالهائڻ توڙي ڪوڙا قسم کڻڻ وارن لاءِ آهي. انهيءَ کان سواءِ صحيح تعليم جي برخلاف جيڪي بہ ڪم ڪيا وڃن ٿا، تن کان پري رهڻ لاءِ پڻ آهي.


بيشڪ، اسان جي خداوند خدا جو فضل مون تي نهايت ئي گھڻو ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري ايمان ۽ محبت عطا ٿي.


هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.


منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اها محبت پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي ايمان مان پيدا ٿئي ٿي.


ساڳئي نموني خدمتگار عورتون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.


تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.


هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي.


ساڳيءَ طرح ڪليسيا جا خدمتگار بہ مانائتي ڪردار وارا هجن. اهي ٻِہ‌چاپڙا، نشئي ۽ لالچي نہ هجن.


ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ.


سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان تنبيهہ ڪندو ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿي وڃي


اٽلندو هو مهمان‌نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪيزہ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي.


تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.


پر تنهن هوندي بہ آءٌ پولس جيڪو پيرسن ۽ هن وقت عيسيٰ مسيح جي خاطر قيد ٿيل آهيان، سو تو کي پيار وچان التجا ٿو ڪريان.


تنهنڪري اوهين سمجھہ جو سندرو ٻڌي هوشيار ٿيو ۽ ڇوٽڪاري واري انهيءَ فضل تي پوري اميد رکو جيڪو عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت اوهان تي ڪيو ويندو.


دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


پنهنجي ڄاڻ سان پرهيزگاريءَ ۾، پرهيزگاريءَ سان صبر ۾ ۽ صبر سان دينداريءَ ۾ واڌارو آڻيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan