Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




طيطس 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جو اهو فضل جيڪو سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري جو سبب آهي، سو ظاهر ٿي چڪو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو خدا جو فضل ظاهر ٿيو آهي، ۽ اهو سڀني ماڻهن لاءِ نجات ڏيندڙ آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي اها ڪرپا جيڪا سڀني ماڻهن جي مڪتيءَ جو سبب آهي، سا ظاهر ٿي چڪي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو خدا جو اھو فضل ظاھر ٿيو آھي، جيڪو سڀني ماڻھن جي ڇوٽڪاري جو باعث آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




طيطس 2:11
50 Iomraidhean Croise  

تان‌تہ سڄيءَ دنيا تي سندس واٽ پڌري ٿئي. هائو، جيئن سڀني قومن کي سندس ڇڏائڻ واري قدرت نظر اچي.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


اوهين قومن منجھہ هي اعلان ڪريو تہ ”خداوند ئي بادشاهہ آهي.“ هُن ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح قائم ڪيو آهي، جيئن انهيءَ کي ڪو لوڏو نہ اچي. هو سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“


تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو


پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو.


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي.


تڏهن ئي سڄي انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


اها حقيقي روشني جيڪا هر هڪ انسان تي چمڪندي آهي سا پاڻ دنيا ۾ اچڻ واري هئي.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.


مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل خداپرست ماڻهو انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”خدا جي انهيءَ فضل تي قائم رهندا اچو.“


ڇاڪاڻ تہ خداوند جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“


خدا جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن پيغام نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي روءِزمين تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“


پر فضل واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ خدا جو فضل ڪيڏو نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي.


اسان جي ايمان جي وسيلي مسيح اسان کي خدا جي انهيءَ فضل تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿينداسين.


اسين جيڪي خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوهان تي ٿيو آهي سو اجايو نہ وڃايو،


مطلب تہ آءٌ خدا جي فضل کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن شريعت جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.


اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏهن تہ اسين اڃا گناهن جي ڪري مئل هئاسين. هائو، اوهين بہ خدا جي فضل جي ڪري ئي بچي ويا آهيو.


مطلب تہ خدا جي فضل جي ڪري ئي اوهين ايمان آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر خدا جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.


جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ خدا جو فضل ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾.


هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


بيشڪ، اسان جي خداوند خدا جو فضل مون تي نهايت ئي گھڻو ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري ايمان ۽ محبت عطا ٿي.


هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن.


هاڻ اهو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿيو، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۽ بقا کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.


پر خداوند عيسيٰ مون سان گڏ هو، جنهن مون کي طاقت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. ائين ڄڻ تہ آءٌ شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو خدا جي فضل کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو پليت ٿي پون.


پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan