Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




راڳن جو راڳ 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي منهنجي شهزادي! تنهنجا پير تنهنجي جتين ۾ ڪيڏا نہ سهڻا ٿا لڳن. تنهنجي رانن جي گولائي اهڙن زيورن وانگر آهي، جن کي ڪنهن ماهر ڪاريگر جوڙيو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 اي شاهزادي، تنهنجا پير چاکڙين ۾ ڪهڙا نہ سهڻا ٿا لڳن! تنهنجن رانن جا سنڌ جواهرن جهڙا آهن، جي ڪنهن اُستاد ڪاريگر جي هٿن جا جُڙيل هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




راڳن جو راڳ 7:1
13 Iomraidhean Croise  

يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا.


بيشڪ بادشاهہ جي ڪنوار، جيڪا محلات جي اندر پنهنجي ڪمري ۾ آهي، سا ڪيڏي نہ حسن‌سراپا آهي! کيس شاديءَ جي زربفت پوشاڪ پهريل آهي.


”مون خدا جي مرضي معلوم ڪرڻ وقت پائڻ لاءِ تون هڪڙو سينابند ٺهرائج، جيڪو مذهبي فراڪ وانگر ڪاريگريءَ سان ٺهيل هجي. اهو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن واري سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون مان ٺهرائج.


تون انهن لاءِ سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون ٺهرائج، تہ هو پنهنجو اگھاڙو بدن ڍڪين. اهي سٿڻون چيلهہ کان وٺي رانن تائين هجن.


هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.


انهن جي وچ ۾ مئي جو هڪ گول پيالو آهي، جنهن ۾ خوشبودار مئي ڀريل آهي. تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آس‌پاس سوسن گل رکيل هجن.


انهيءَ مورتيءَ جو مٿو نج سون جو هو، انهيءَ جو سينو ۽ ٻانهون چانديءَ جون هيون ۽ انهيءَ جو پيٽ ۽ رانون پتل جون هيون.


پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس.


آءٌ اوهان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. آءٌ خداوند قادرِمطلق ائين ٿو چوان.“


پنهنجي پيرن ۾ ميل ميلاپ واري خوشخبريءَ جي جتي پائي تيار رهو.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجي روزاني زندگي مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پاڪ روح ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي ايمان وڌندو رهي.


اهو ماڻهو بدن جي مٿي يعني مسيح سان پنهنجو لاڳاپو وڃائي ويهي ٿو، جنهن جي ڪري ئي سڄو بدن سنڌن ۽ نسن جي وسيلي پرورش پائي پاڻ ۾ ڳنڍيل رهي ٿو ۽ خدا جي وڌائڻ سان وڌندو ٿو وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan