Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




راڳن جو راڳ 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ڏس، اي منهنجي پياري تون سهڻي آهين؛ ڏس تون حسين آهين؛ تنهنجيون اکيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڪبوترن جهڙيون آهن: تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جبل جي پاسي سان ويٺيون هجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




راڳن جو راڳ 4:1
17 Iomraidhean Croise  

جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو.


اي منهنجي پياري! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين، ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجيون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


منهنجو محبوب مون سان ڳالهائي ٿو. اُٿي اچ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.


اي محبوبہ! تون انهيءَ ڪبوتريءَ جهڙي آهين، جيڪا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ لڪي ٿي. مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، مون کي پنهنجو آواز ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو آواز ڏاڍو مٺڙو آهي، ۽ تنهنجو چهرو ڏاڍو پيارو آهي.


تنهنجي نظرن جو تاب ڏاڍو تکو آهي، ۽ منهنجي سهڻ کان وڌيڪ آهي، سو مون کي انهيءَ کان بچاءِ. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


تنهنجا ڳل تنهنجي نقاب جي پٺيان، ڏاڙهونءَ جي ٻن اڌن وانگر آهن.


تنهنجو مٿو ڪرمل جبل جيان بلند آهي. تنهنجي مٿي جا وار ايترا تہ ڪارا ۽ چمڪندڙ آهن، جو بادشاهہ بہ انهن کي ڏسي تنهنجو اسير بڻجي وڃي.


خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي محل جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ اهو محل جِلعاد جي ٻيلن جيان عاليشان، ۽ لبنان جي جبلن وانگر مضبوط آهي، تہ بہ آءٌ يقيناً انهيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيندس، جهڙو بيابان يا ڪو اجڙيل شهر.


تنهنجي حسن جي هاڪ ٻين قومن تائين وڃي پهتي. مون خداوند پنهنجي شان وَ شوڪت مان تو کي اهڙو حسنِ ڪامل بخشيو.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي،


سو موسيٰ جِلعاد جو علائقو منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد کي ڏنو ۽ هو اتي ئي رهڻ لڳا.


منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو،


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan