Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




راڳن جو راڳ 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 سو مون سوچيو تہ هاڻي آءٌ ٻاهر نڪري سڄي شهر ۾ هر پاسي گھمنديس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو مون کي منهنجي ساهہ کان پيارو آهي، تنهن کي گھٽين ۽ چؤسولن تي ڳوليان. مون هن کي ڳوليو پر هو مون کي ڪين مليو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 مون چيو تہ هاڻي آءٌ اُٿنديس، ۽ شهر جي چوڌاري گهمنديس، تہ جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چؤسُولن تي ڳوليان: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




راڳن جو راڳ 3:2
18 Iomraidhean Croise  

سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو منهنجي ڳالهہ ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجي دروازن تي بيهي انتظار ٿو ڪري. هائو، اهو جيڪو منهنجي دروازن جي چانئٺن تي بيٺو ٿو رهي.


اي منهنجا محبوب! مون کي ٻڌاءِ. تون پنهنجو ڌڻ ڪٿي چاريندو آهين؟ ۽ ٽاڪ منجھند جو پنهنجي ڌڻ کي آرام لاءِ ڪٿي ٿو ويهارين؟ ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ تو کي ڳوليندي تنهنجي سنگتين جي ڌڻن ڀرسان رلندي وتان.


پر پهري وارا جيڪي شهر ۾ گشت پيا ڪن، سي مون سان مليا. مون انهن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان انهيءَ کي ڏٺو، جنهن سان منهنجو جيءُ جڙيل آهي؟“


آءٌ اٿيس تہ جيئن پنهنجي محبوب لاءِ دروازو کوليان، تہ منهنجي هٿن مان مُر جا ڦڙا ڪرڻ لڳا. هائو، منهنجي آڱرين مان پٽڙي مُر وهڻ لڳي، ۽ دروازي جي هٿئي تي وڃي پيئي.


انهن بدڪارين جي ڪري تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، بلڪ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو اٿيئي. هاڻ ڪوبہ اهڙو ڪونهي، جيڪو تنهنجو نالو وٺي تو کان دعا گھري، نہ ئي ڪو اهڙو آهي جيڪو تنهنجي عبادت ڪري.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


يحيٰ نالي هڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا جي طرفان موڪليو ويو هو.


اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جو مڪمل ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آهي.


صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan