Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




راڳن جو راڳ 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيئن جھنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن ئي اي منهنجا محبوب! تون نوجوانن ۾ آهين. آءٌ بيحد خوشيءَ سان تنهنجي ڇانوَ ۾ ٿي ويهان، ۽ تنهنجو ميوو مون لاءِ ڏاڍو مٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




راڳن جو راڳ 2:3
34 Iomraidhean Croise  

اي بادشاهہ! بني آدم ۾ تون سڀني کان سهڻو آهين. تنهنجي زبان لطافت سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري خدا هميشہ جي لاءِ تو کي برڪت وارو بڻايو آهي.


اي زور وارا! تون پنهنجي تلوار پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ، جيڪا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي.


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


اي خداوند! آسمانن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جنهن جي تو سان ڀيٽ ڪجي، ۽ نہ ئي معبودن جي ٽولي ۾ ڪو تو جهڙو آهي.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


اي منهنجا محبوب! تون ڪيڏو نہ حسين آهين. هاءِ! تون ڪيڏو نہ دلپسند آهين! اسان جو پلنگ سرسبز گاهہ ٿيندو،


اي منهنجا محبوب! پنهنجي ڪشمش سان منهنجي قوت بحال ڪر، ۽ پنهنجي صوفن سان مون کي تازو توانو ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ محبت جي ماريل آهيان.


تون ڏاڙهن جو باغ آهين، هڪ اهڙو باغ جيڪو عمدن ميون سان ڀريل هجي، جنهن ۾ ميندي، سنبل،


اي هوا! تون اچي گھُل. هائو، اتر ۽ ڏکڻ کان منهنجي باغ مٿان اچي گھُل. پوءِ تون هر پاسي پکڙجي وڃ، تہ جيئن منهنجي باغ جي خوشبوءِ ڦهلجي وڃي منهنجي محبوب تائين پهچي، تہ جيئن هو پنهنجي هن باغ ۾ هلي اچي، ۽ انهيءَ جا لذيذ ميوا کائي.


هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.


اي منهنجا محبوب! سرور ڏيندڙ گلن جي خوشبوءِ هوا ۾ ڦهلجي ويئي آهي. اسان جي باغ جي دروازي وٽ هر طرح جا عمدا ميوا آهن. انهيءَ باغ جا تازا توڙي خشڪ ميوا، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.


سليمان بادشاهہ کي بعل هامون نالي جاءِ تي هڪڙو انگورن جو باغ هو. هن اهو انگورن جو باغ باغائين کي ٺيڪي ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن لاءِ هر هڪ کي هزار چانديءَ جا سڪا ادا ڪرڻا هئا.


اي سليمان! تون ڀلي تہ هڪ هزار سڪا وٺ، ۽ باغ جي ميوي سنڀاليندڙن کي ڀلي تہ ٻہ سؤ سڪا وڌيڪ نفعو ملي. پر منهنجو انگورن جو باغ تہ رڳو منهنجو ئي آهي، جيڪو منهنجي اکين اڳيان آهي.


انهيءَ نوجوان عورت ڏانهن نهاريو، جيڪا پنهنجي محبوب جي ڪلهي تي ٽيڪ ڏيو بيابان مان پيئي اچي. اي منهنجا محبوب! جڏهن تون صوف جي وڻ هيٺ ستل هئين، تڏهن مون تو کي جاڳايو. هائو، انهيءَ وڻ هيٺ جتي تنهنجو وجود پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ شروع ٿيو هو، ۽ جتي تنهنجي والدہ تو کي جنم ڏنو هو.


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا.


اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن خداوند جي چونڊيل زمين خوبصورت ۽ شاندار ٿي پوندي ۽ بني اسرائيل مان جيڪي بچي ويل هوندا تن لاءِ انهيءَ جو ڦل لذيذ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو.


سندس جلوو ڏينهن جي وقت گرميءَ کان ڇانوَ ڪندو ۽ آنڌيءَ ۽ برسات ۾ ڍڪ ۽ پناهہ ثابت ٿيندو.


نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪنارن تي هر قسم جا ميويدار وڻ اڀري ايندا، جن جا نہ پن ڪومائبا ۽ نہ وري انهن جو ميوو کُٽندو. اهي هر مهيني تازو ڦر جھليندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ملندڙ پاڻي مقدس هيڪل کان وهي اچي ٿو. سو نہ رڳو انهن جو ميوو کاڌو ويندو، بلڪ انهن جا پن بہ بيمار ماڻهن جي شفا جي ڪم ايندا.“


انگورن جون وليون ۽ انجير جا وڻ سڪي رهيا آهن. انهيءَ کان علاوہ ڏاڙهون، کجيءَ ۽ صوف جا وڻ، بلڪ باغ جو هر وڻ ڪومائجي ويو آهي. سو ان آفت جي ڪري بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ڪنڊيءَ جي ٻوٽي کين چيو تہ ’جيڪڏهن سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ اچو ۽ منهنجيءَ ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو. پر جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ ڀلي مون ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري ۽ لبنان جي ديال جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan