Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




راڳن جو راڳ 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اي منهنجي پياري! ڇا تہ تنهنجي چال آهي! آءٌ تہ تنهنجي مشابهت فرعون جي گاڏيءَ جي هڪڙي گھوڙيءَ سان ٿو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 اي منهنجي پياري مون، فرعون جي گاڏين جي هڪڙي گهوڙيءَ سان تنهنجي مشابهت ڪئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




راڳن جو راڳ 1:9
13 Iomraidhean Croise  

گاڏين وارا ۽ گھوڙي سوار سڀيئي ساڻس گڏ ويا. سو هڪ وڏو انبوهہ يوسف سان روانو ٿيو.


سليمان وٽ جيڪي گھوڙا هئا سي مصر ۽ ڪيوُ ملڪ مان گھرايا ويا هئا. شاهي سوداگر اُهي ڪيوُ مان مقرر ڪيل قيمت تي خريد ڪندا هئا.


اي منهنجي پياري! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين، ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجيون اکيون ڪبوترين جهڙيون آهن.


منهنجو محبوب مون سان ڳالهائي ٿو. اُٿي اچ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.


انجير جي وڻن ۾ ميوو پچڻ لڳو آهي، انگورن جي ولين جي ٻور هوا کي معطر ڪري ڇڏيو آهي. سو اُٿ، اي منهنجي محبوبہ! اي منهنجي نازنين! هلي اچ.


جيئن سوسن گل ڪنڊن جي وچ ۾ هوندو آهي، تيئن ئي اي منهنجي محبوبہ! تون ٻين ڪنوارين ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حسين آهين.


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ سهڻي آهين! واہ! تون ڪيڏي نہ من موهڻي آهين. تنهنجي نقاب پٺيان تنهنجيون اکڙيون، ڄڻ ڪبوترين جون اکيون آهن. تنهنجا وار ائين ٿا جھُومن، جيئن ڪو ٻڪرين جو ڌڻ جِلعاد جبل تان لهي رهيو هجي.


اي منهنجي محبوبہ! تون مٿي کان پيرن تائين حسن ئي حسن آهين، تو ۾ ڪوبہ عيب ڪونهي.


آءٌ ستي پيئي هئس، پر منهنجي دل جاڳي رهي هئي. مون خواب ۾ ڏٺو تہ منهنجو محبوب آيو آهي، ۽ دروازو کڙڪائي چوي ٿو تہ ”اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! اي منهنجي ڪبوتري! اي منهنجي بي‌عيب ۽ بي مثال محبوبہ! دروازو کول، ڇاڪاڻ تہ منهنجا زلف رات جي ماڪ جي ڦڙن سان آلا ٿي پيا آهن.“


اي منهنجي محبوبہ! تون ڪيڏي نہ حسين آهين. تون ترضہ شهر جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم شهر جهڙي وڻندڙ آهين. تنهنجي سونهن منهنجي اندازي کان بہ وڌيڪ آهي.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan