Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




راڳن جو راڳ 1:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اي منهنجا محبوب! مون کي ٻڌاءِ. تون پنهنجو ڌڻ ڪٿي چاريندو آهين؟ ۽ ٽاڪ منجھند جو پنهنجي ڌڻ کي آرام لاءِ ڪٿي ٿو ويهارين؟ ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ تو کي ڳوليندي تنهنجي سنگتين جي ڌڻن ڀرسان رلندي وتان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 اڙي منهنجي جان جا محبوب، مون کي ٻڌاءِ تہ تون پنهنجي ڌڻ کي ڪٿي ٿو چارين، ۽ ٻہ پهرن جو آرام لاءِ ڪٿي ٿو وهارين: ڇو جو آءٌ تنهنجن سنگتين جي گلن جي ڀرسان رلندي وتان؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




راڳن جو راڳ 1:7
33 Iomraidhean Croise  

اهو وري ڪڏهن بہ آباد ڪين ٿيندو، ۽ نہ وري ڪو اچي اتي رهندو، نڪي ڪو خانہ‌بدوش ماڻهو اتي پنهنجو خيمو کوڙيندو، ۽ نہ وري ڪو ڌنار پنهنجو ڌڻ اتي ويهاريندو.


اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، اي منهنجا محافظ! منهنجي ٻڌي تون اڻ‌ٻڌي نہ ڪر. ائين نہ ٿئي جو تون منهنجي طرف ڏانهن خاموش رهين، پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر اندر لهي ٿا وڃن.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


تنهنڪري اوهان ايمان آڻڻ وارن لاءِ اهو قيمتي آهي. پر ايمان نہ آڻڻ وارن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ هي لکيل آهي تہ ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي،“


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


آءٌ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏئي ٿو.


جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي.


تڏهن هو خداوند پنهنجي خدا جي قدرت ۽ سندس نالي جي عظمت سان هڪ ريڍار جيان پنهنجيءَ قوم جي سنڀال ڪندو. پوءِ خداوند جي قوم سلامتيءَ سان رهندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو انهيءَ حڪمران جي عظمت کي ڄاڻي وٺندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هي ملڪ جيڪو ويران آهي ۽ منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونہ ٿو رهي، تنهن جي سڀني شهرن وٽ وري بہ ڌنارن کي ڌڻن جي چارڻ لاءِ چراگاهہ هوندا.


هو ڌنار وانگر پنهنجي ڌڻ جي سار سنڀال لهندو. هو گھيٽڙن کي گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو. انهن جي کير پيئاريندڙ مائرن کي هو آهستي آهستي پاڻ سان وٺي هلندو.


سڄي رات اسين پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجا مشتاق ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجا طالبو ٿا رهون، ڇاڪاڻ تہ جڏهن تنهنجا فيصلا هن ڌرتيءَ تي نازل ٿين ٿا، تڏهن سڄي دنيا وارا سچائيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا.


ٻڌو، هاڻي آءٌ پنهنجي محبوب جو گيت ڳائيندس. هائو، آءٌ سندس انهيءَ محبت جو گيت ڳائيندس، جيڪا هن کي پنهنجي انگورن جي باغ سان آهي. هڪڙي زرخيز ٽڪريءَ تي منهنجي محبوب جو انگورن جو باغ هو.


اي منهنجي پياري! تون جيڪا باغ جي وچ ۾ پيئي ڦرين، پنهنجو سريلو آواز ٻڌاءِ. آءٌ ۽ منهنجا سنگتي تنهنجو سريلو آواز ٻڌڻ چاهيون ٿا.


آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو ئي آهي. هو پنهنجو ڌڻ سوسن گلن ۾ پيو چاري.


هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.


منهنجو محبوب حسين ۽ صحتمند آهي. هو لکن ۾ هڪڙو آهي.


اي يروشلم جون جوان عورتون! آءٌ اوهان کي قسم ٿي ڏيان تہ اوهين جيڪڏهن منهنجي محبوب کي ڏسو تہ کيس ٻڌائجو تہ آءٌ سندس سڪ ۾ پيئي ڳران.


اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،


جيئن جھنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن ئي اي منهنجا محبوب! تون نوجوانن ۾ آهين. آءٌ بيحد خوشيءَ سان تنهنجي ڇانوَ ۾ ٿي ويهان، ۽ تنهنجو ميوو مون لاءِ ڏاڍو مٺو آهي.


مون کي خداوند سان محبت آهي، ڇوجو هن منهنجي دانهن ۽ منهنجي منٿن کي ٻڌو آهي.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


اي خداوند! تون جيڪو منهنجي طاقت آهين، آءٌ تو کي پيار ڪريان ٿو.


يوسف وراڻيو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن کي ٿو ڳوليان. جيڪڏهن خبر هجيئي تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اهي پنهنجا ڌڻ ڪٿي ٿا چارين؟“


منهنجو محبوب پنهنجي خوشبوءِ واري باغ ڏانهن هليو آيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اتي هو پنهنجيون رڍون چاري، ۽ سوسن جا گل ميڙي انهن مان خوشبوءِ جو مزو ماڻي.


پوءِ رُوت چيو تہ ”خوشيءَ جي ڳالهہ هيءَ آهي تہ هن مون کي ائين بہ چيو آهي تہ ’جيستائين منهنجا ماڻهو منهنجو سڄو لابارو لاهين تيستائين تون ساڻن سنگ چونڊيندي رهہ.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan