Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




راڳن جو راڳ 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ڪاش! تنهنجا چپ مون کي چمين سان وڪوڙي ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو پيار مئي کان وڌيڪ سُرور ڏيندڙ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ڀلي تہ هو پنهنجي وات جي چُمين سان مون کي چُمي: ڇالاءِ جو تنهنجي محبت شراب کان بهتر آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




راڳن جو راڳ 1:2
20 Iomraidhean Croise  

پوءِ راخل جي پيشاني چمي خوشيءَ وچان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.


هو پنهنجي سڀني ڀائرن سا روئي مليو ۽ کين چميائين. تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.


متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.


اي خدا! تنهنجي دائمي شفقت ڪيڏي نہ بيش‌بها آهي! بني آدم تنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺن ٿا.


مون کي پاڻ سان کڻ تہ اسين ڀڄي هلون. تون منهنجو حاڪم ٿيءُ، ۽ مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هل. اسين ٻئي گڏجي خوشيون ۽ شادمانا ڪنداسين. تنهنجو پيار ايترو تہ نشو ڏيندڙ آهي، جو مئي کان بہ وڌيڪ سرور ڏئي ٿو. ڪو عجب ناهي جو سڀيئي عورتون تو تي عاشق آهن.


تون مون کي پنهنجي مئي‌خاني ۾ وٺي آيو آهين، ۽ مون تي پنهنجي محبت جو وسڪارو ڪيو اٿيئي.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! تنهنجي چمين ۾ ڪيڏو نہ مٺاڻ آهي. تو سان ڀاڪر پائڻ ۾ مئي کان وڌ سُرور ملي ٿو. تنهنجي بدن جي خوشبوءِ هر قسم جي خوشبوئن کان اعليٰ آهي.


هن جا چپ چمڻ سان بيحد مٺا ٿا لڳن. هو مٿي کان پيرن تائين پيار ئي پيار آهي. اي يروشلم جون عورتون! اهو آهي منهنجو محبوب، اهو آهي منهنجو پيارو.


پوءِ صبح سوير اُٿي انگورن جي باغ ۾ هلون، ڏسون تہ انگورن جي ولين ٻور جھليو آهي يا نہ، باغ ۾ گل ٽڙيا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جھليا آهن يا نہ؟ اتي آءٌ تو سان پيار ڪنديس.


تون ڪيڏي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين! تنهنجي پيار جو لطف ڪيڏو نہ ڀرپور آهي!


تنهنجي چپن جي چمي، عمدي مئي کان بہ وڌيڪ سرور واري آهي. ڀلي تہ اها مئي منهنجي محبوب ڏانهن سڌي وڃي، ۽ سندس چپن ۽ ڏندن کي ڇهندي وڃي.


قادرِمطلق خداوند هن صيئون جبل تي دنيا جي سڀني قومن لاءِ هڪ وڏي دعوت ڪندو، هائو، اهڙي دعوت جنهن ۾ سڻڀا۽ عمدا شاهي طعام، ۽ عمدي خالص مئي هوندي.


جڏهن هو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“


سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.


اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان ايمان وارن جي خيرعافيت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون.


هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو. شل اوهان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آهيو سلامتي هجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan