Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن بوعز انهن اڳواڻن ۽ اتي موجود ٻين سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اڄ اوهين سڀ شاهد آهيو تہ اِليملڪ ۽ سندس پٽن محلون ۽ ڪليون جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، سا مون نعوميہ جي هٿان خريد ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ بوعز انهن بزرگن کي ۽ سڀني ماڻهن کي چيو تہ اليملڪ جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، ۽ جيڪا بہ ڪيلون ۽ محلون جي هئي سا سڀ نعوميءَ جي هٿان مون خريد ڪئي آهي، ۽ ان جا اوهين اڄ شاهد آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 4:9
6 Iomraidhean Croise  

”منهنجا سائين! ائين نہ ٿيندو، بلڪ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اها ٻني ۽ جيڪا غار منجھس آهي سي ٻئي آءٌ اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو. اهي آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم جي روبرو ڏيان ٿو، اوهين ڀلي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو.“


انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اِليملڪ هو ۽ سندس زال جو نالو نعوميہ ۽ پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئس. اهي يهوداہ جي شهر بيت‌لحم جي افراتي گھراڻي سان تعلق رکندا هئا. جڏهن اهي موآب جي ملڪ ۾ ٿي رهيا


انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تان‌تہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“


سو انهيءَ ماڻهوءَ جڏهن بوعز کي چيو تہ ”تون اها ٻني پنهنجي لاءِ خريد ڪر،“ تڏهن هن پنهنجي جتي لاٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan