Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن اڳواڻن ۽ شهر جي دروازي وٽ موجود ٻين ماڻهن چيو تہ ”اسين شاهد آهيون. شل انهيءَ عورت کي جيڪا تنهنجي گھر ٿي اچي، هائو، انهيءَ کي خداوند شل يعقوب جي زالن راخل ۽ لياہ جهڙو ڪري، جن ٻنهي بني اسرائيل جو نسل وڌايو. شل تون افراتي گھراڻي ۾ خوشحال ٿئين، ۽ بيت‌لحم ۾ تنهنجو نالو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 4:11
24 Iomraidhean Croise  

صُحر جو پٽ عِفرون اتي پنهنجي ماڻهن سان شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. هن انهن سڀني جي روبرو جواب ڏنو تہ


انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“


لابن کي ٻہ ڌيئر هيون، وڏيءَ جو نالو لياہ ۽ ننڍيءَ جو نالو راخل هو.


يعقوب صبح جو اُٿي ڇا ڏسي تہ ساڻس تہ لياہ ستل آهي! تڏهن هو لابن وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”تو هي مون سان ڇا ڪيو؟ مون تہ راخل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو هو، پوءِ تو مون سان ٺڳي ڇو ڪئي؟“


لياہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن انهيءَ جو نالو روبن رکيو، ڇوجو هن چيو تہ ”خدا منهنجو ڏک ڏٺو آهي ۽ هاڻ منهنجو مڙس مون سان پيار ڪندو.“


يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا جن مان لياہ مان هئس: روبن، جيڪو يعقوب جو وڏو پٽ هو، شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار ۽ زبولون.


راخل مان يوسف ۽ بنيامين هئس.


پوءِ سندس زال ايزبل اخي‌اب جي نالي سان خط لکيا جن تي اخي‌اب جي مُهر هنيائين. هن اهي خط انهن اڳواڻن ۽ اميرن ڏانهن موڪليا جيڪي يزرعيل شهر ۾ رهندا هئا جتي نابوت پڻ رهندو هو.


سندس ٻئي پٽ سلمون بيت‌لحم جو بنياد وڌو ۽ ٽيون پٽ خارف بيت‌جادر جو باني هو.


دائود چيو هو تہ ”جڏهن اسين بيت‌لحم ۾ هئاسين، تڏهن اسان کي خبر پيئي تہ عهد واري صندوق قريت‌يعريم ۾ آهي. سو اسان اها اتان وڃي کنئي.


عقلمند عورت پنهنجو گھر آباد ٿي ڪري، مگر بي‌وقوف عورت پنهنجو گھر پاڻ برباد ڪريو ڇڏي.


هن جو مڙس مقبول ۽ معزز اڳواڻ بڻجي ٿو وڃي.


مون دستاويز تي صحيح ڪئي ۽ ان تي مهر هنئي، شاهد لکرايم ۽ سڪا توري ڏنم.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“


پر جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ نہ چاهي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي در تي اڳواڻن وٽ وڃي ۽ کين چوي تہ ’منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو بني اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري ۽ مون سان شادي ڪري ڏير جو فرض ادا ڪرڻ نہ ٿو گھري.‘


تہ پوءِ سندس ڀاڄائي اڳواڻن جي روبرو ان جي ويجھو اچي سندس پير مان پادر لاهي ۽ سندس منهن ۾ ٿڪ هڻي چوي تہ ’جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گھر آباد نہ ٿو ڪري تنهن سان ائين ئي ڪيو ويندو.‘


انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اِليملڪ هو ۽ سندس زال جو نالو نعوميہ ۽ پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئس. اهي يهوداہ جي شهر بيت‌لحم جي افراتي گھراڻي سان تعلق رکندا هئا. جڏهن اهي موآب جي ملڪ ۾ ٿي رهيا


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan