Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تان‌تہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 4:10
19 Iomraidhean Croise  

هن جو ستاواڙو پورو ڪر، پوءِ آءٌ راخل بہ تو کي ڏيندس. پر انهيءَ لاءِ تو کي ست سال ٻيا مون وٽ ڪم ڪرڻو پوندو.“


اونان ڄاتو ٿي تہ ”اهو اولاد منهنجو نہ سڏبو،“ تنهنڪري هو جڏهن بہ پنهنجي ڀاڄائيءَ وٽ ويندو هو تڏهن مني هيٺ هاري ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان سندس ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ٿي پوي.


شال سندن گناهہ هر وقت خداوند جي نظر ۾ رهن، بلڪ هو هن ڌرتيءَ تان سندن يادگيريون ئي مِٽائي ڇڏي!


خداوند هر بدڪار جو مخالف آهي، تان‌تہ انهن جي يادگيريءَ کي ڌرتيءَ تان ئي مِٽائي ڇڏي.


نيڪ زال ڪنهن ڀاڳ واري کي ملي ٿي، ۽ انهيءَ ۾ خداوند جي رضامندي آهي.


مال ملڪيت تہ ابن ڏاڏن کان ميراث ۾ ٿي ملي، پر سياڻي زال خداوند جي طرفان ئي تحفو آهي.


تڏهن اوهان جو اولاد واريءَ وانگر لاتعداد هجي ها، هائو، سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن وانگر. آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ اهي مون آڏو ڪڏهن بہ تباهہ وَ برباد نہ ٿين ها.“


يعقوب ارام ملڪ ڏانهن ڀڳو، هائو، اسرائيل اتي پنهنجي زال جي خاطر ٻانهو بڻيو، ۽ سهري جون رڍون چارڻ لڳو.


سو مون چانديءَ جي پندرهن سڪن ۽ هڪ سؤ پنجاهہ ڪلوگرام جَون جي عيوض اها عورت پنهنجي لاءِ خريد ڪئي.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن آءٌ سڄي ملڪ مان سڀني بتن جو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندس ۽ اڳتي انهن کي ڪوبہ ياد نہ ڪندو. آءٌ نبي سڏائيندڙن کي بہ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ ماڻهن جي دلين مان ناپاڪ خواهشن کي ختم ڪري ڇڏيندس.


اوهين پڇو ٿا تہ هو راضي ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو خداوند ڏسي ٿو تہ اوهان پنهنجي زال سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن سان اوهان نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. هوءَ اوهان جي ساٿي آهي جنهن سان خدا آڏو ڪيل وفاداريءَ واري واعدي کي اوهان ٽوڙي ڇڏيو آهي.


ساڳيءَ طرح اي مڙ‌سؤ! اوهين پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.


پوءِ ان مان جيڪو پهريون پٽ ڄمندو سو سندس فوتيءَ ڀاءُ جو سمجھيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل منجھان انهيءَ جو نالو ميٽجي نہ وڃي.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“


تڏهن بوعز انهن اڳواڻن ۽ اتي موجود ٻين سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اڄ اوهين سڀ شاهد آهيو تہ اِليملڪ ۽ سندس پٽن محلون ۽ ڪليون جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، سا مون نعوميہ جي هٿان خريد ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan