Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 3:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هن کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“ تڏهن هن ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان جي ٻانهي رُوت آهيان. جيئن تہ اسان جو عيوضو ڀرڻ جا ذميوار عزيز اوهين ئي آهيو، تنهنڪري مون تي پنهنجي چادر جو پلئُہ وجھو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ هن چيو تہ تون ڪير آهين؟ تڏهن هن ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي روٿ آهيان؛ تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهيءَ جي مٿان پنهنجو دامن پکيڙي وجهہ؛ ڇالاءِ جو تون ويجهو مائٽ آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 3:9
10 Iomraidhean Croise  

پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ.


ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


نعوميہ پنهنجي ننهن کي چيو تہ ”خداوند شل انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جيڪو اسان جيئرن توڙي اسان جي مئلن تي مهرباني ٿو ڪري.“ نعوميہ کيس وڌيڪ چيو تہ ”اهو ماڻهو اسان جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهي.“


هن وراڻيس تہ ”خداوند تو کي برڪت ڏئي. تو هيءَ پوئين مهرباني پنهنجي سس تي ڪيل مهربانيءَ کان بہ وڌيڪ ڏيکاري آهي. اُها هيءَ تہ تون ڪنهن نوجوان، پوءِ اهو امير هجي يا غريب، تنهن جي پٺيان نہ ويئي آهين.


اهو سچ آهي تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهيان پر مون کان بہ وڌيڪ ويجھو تنهنجو هڪڙو ٻيو اهڙو عزيز آهي.


اڌ رات ڌاري بوعز ڇرڪ ڀريو ۽ پاسو ورايائين. تڏهن جان کڻي ڏسي تہ هڪڙي عورت سندس پيرن وٽ ليٽي پيئي آهي.


تنهنڪري مون سوچيو تہ اها ڳالهہ تو کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ اهو بہ چوان تہ تون هنن سڀني ويٺل ماڻهن، يعني اسان جي قوم جي اڳواڻن جي روبرو اها ٻني خريد ڪر. جيڪڏهن تون اها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گھرين ٿو تہ ڀلي ڇڏاءِ. پر جيڪڏهن تون اها ڇڏائڻ نہ ٿو چاهين تہ ٻڌائي ڇڏ تہ مون کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ کي ڇڏائڻ جو پهريون حق تنهنجو آهي ۽ تو کان پوءِ منهنجو.“ انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”آءٌ اها ڇڏائيندس.“


تنهن تي انهيءَ ويجھي مائٽ چيو تہ ”آءٌ پاڻ اها ٻني ڇڏائي نہ ٿو سگھان، متان اها منهنجي پنهنجي ميراث لاءِ نقصانڪار ٿئي. سو جيئن تہ آءٌ انهيءَ کي ڇڏائي نہ ٿو سگھان تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڇڏائڻ وارو حق تو کي ٿو ڏيان.“


تڏهن هوءَ اُٿي ۽ پيشاني زمين تي رکي تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ ”آءٌ پنهنجي آقا جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري ٻانهي آهيان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan