Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 3:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن بوعز کائي پي بس ڪئي تڏهن هو سٺي مزاج ۾ هو. پوءِ هو اناج جي ٻار جي ڀرسان وڃي ستو. رُوت بہ آهستي آهستي اچي سندس پيرن تان چادر هٽائي اتي ئي ليٽي پيئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن بوعز کاڌو پيتو ۽ سندس دل خوش ٿي، تڏهن هو اَن جي ٻار جي پڇاڙيءَ وٽ وڃي ليٽي پيو: ۽ هوءَ بہ آهستي آهستي آئي ۽ هن جي پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پيئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 3:7
18 Iomraidhean Croise  

يوسف پاڻ وٽان هنن ڏانهن ٿالهيون ڀري موڪليون، پر بنيامين جي ٿالهيءَ ۾ ٻين کان پنجوڻو حصو هو. اهڙيءَ طرح هنن ساڻس گڏ کاڌو پيتو ۽ خوشي ملهائي.


پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“


تڏهن سندس زال ايزبل کيس چيو تہ ”تون اسرائيل ملڪ جو بادشاهہ ناهين ڇا؟ هاڻ اُٿي ماني کاءُ ۽ دلجاءِ ڪر. نابوت کان انگورن جو باغ تو کي آءٌ وٺي ڏينديس.“


ستين ڏينهن جڏهن شهنشاهہ مئي جي نشي ۾ مخمور هو، تڏهن هن پنهنجي ستن خواجہ‌سرا خدمتگارن مهومان، بزتا، خربوناہ، بِگتا، ابگتا، زتار ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو تہ


تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


کائڻ جي دعوت ۾ ماڻهو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، ۽ مئي ماڻهوءَ کي سرور بخشي ٿي، پر پئسن کان سواءِ ڪابہ شيءِ خريد ڪري نہ ٿي سگھجي.


پوءِ ڇا اسان انسانن لاءِ اهو بهتر ناهي جو اسين کائون، پيئون ۽ پنهنجي محنت جي ڦل مان پاڻ مزا ماڻيون؟ منهنجو ايمان آهي تہ اهي شيون اسان لاءِ خدا جون نعمتون آهن.


تنهنڪري منهنجو مشورو اهو ئي آهي تہ اسين خوش رهون، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا ۾ انسان جي اختيار ۾ انهيءَ کان بهتر ڪا ڳالهہ ڪانهي تہ هو کائي، پيئي ۽ خوش رهي. جيئن انسان هن دنيا ۾ خدا جي طرفان عطا ڪيل حياتي گذاري ٿو، تيئن سندس محنت دوران هن لاءِ اهي ئي ڳالهيون ممڪن آهن.


تنهنڪري خوش رهو ۽ کائڻ پيئڻ مان مزا ماڻيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اڳي ئي اوهان جي انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي آهي.


تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو.


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بي‌احتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


انهيءَ کان پوءِ جڏهن هو ارام سان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو شهر جا ڪي بدڪار ماڻهو ان گھر کي وڪوڙي ويا. هنن در تي سٽڪا لائي ڏنا ۽ گھر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ ”ڪو ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيو آهي تنهن کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين ساڻس برو فعل ڪريون.“


تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. تنهن کان پوءِ سندس سهري چيس تہ ”جي مناسب سمجھين تہ اڄ رات بہ هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ.“


شام جو جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي سريت ۽ پنهنجي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اٿيو تڏهن سندس سهري چيس تہ ”ڏس، هاڻي سج لهڻ تي آهي، سو رات هتي ترسي پئُہ ۽ مزا ماڻ. سڀاڻي سوير اُٿي ڀلي پنهنجي گھر هليو وڃجانءِ.“


سو رُوت ڳاهہ واري پِڙ ڏانهن ويئي ۽ سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيائين جيئن سسڻس چيو هئس.


اڌ رات ڌاري بوعز ڇرڪ ڀريو ۽ پاسو ورايائين. تڏهن جان کڻي ڏسي تہ هڪڙي عورت سندس پيرن وٽ ليٽي پيئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan