6 سو رُوت ڳاهہ واري پِڙ ڏانهن ويئي ۽ سڀ ڪجھہ ائين ئي ڪيائين جيئن سسڻس چيو هئس.
6 ۽ هوءَ ڳاهڻ واري پڙ ڏانهن ويئي، ۽ سڀ جيڪي سسڻس چيو هوس تيئن ڪيائين.
آستر پنهنجي يهودي قوميت ۽ خاندان کي ظاهر نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪئي هئي.
اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي والدين جي هدايت ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڏيو.
جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.
تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“
تڏهن رُوت وراڻيس تہ ”جيئن تون چوين ٿي، آءٌ تيئن ئي ڪنديس.“
جڏهن بوعز کائي پي بس ڪئي تڏهن هو سٺي مزاج ۾ هو. پوءِ هو اناج جي ٻار جي ڀرسان وڃي ستو. رُوت بہ آهستي آهستي اچي سندس پيرن تان چادر هٽائي اتي ئي ليٽي پيئي.