Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، خوشبوءِ لڳائي عمدا ڪپڙا پائي ڳاهہ واري پِڙ تي هلي وڃ. پر تيستائين تون پاڻ کي مٿس ظاهر نہ ڪج، جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهنڪري تون وهنجي سهنجي، تيل مکي ڳاهڻ واري پڙ تي وڃ، پر پاڻ کي تيستائين نہ سڃاڻائج جيستائين هو کائي پي بس نہ ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 3:3
10 Iomraidhean Croise  

تڏهن دائود زمين تان اٿيو ۽ غسل ڪري تيل لڳائي ڪپڙا بدلايائين. پوءِ هو انهيءَ خيمي ۾ ويو جتي خداوند جي عهد واري صندوق رکيل هئي ۽ اتي عبادت ڪيائين. تنهن بعد هو پنهنجي گھر موٽي آيو ۽ ماني گھريائين، تہ اها سندس اڳيان رکي ويئي، جا هن کاڌي.


تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.


روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


ڀلي تہ اوهان جا ڪپڙا هميشہ اڇا اُجرا هجن ۽ وارن کي تيل ڦڻي ڏنل هجي، جيئن اوهين ٺاهوڪا ڏسڻ ۾ اچو.


پوءِ مون تو کي پاڻيءَ سان وهنجاري تنهنجي بدن تي لڳل رت چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪئي ۽ تو کي زيتون جو تيل مکيم.


پر جڏهن اوهين روزو رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،


سو بوعز، جنهن جي نوڪرياڻين سان گڏجي تو ڪم پئي ڪيو آهي، سو ئي اسان جو ويجھو مائٽ آهي. جيئن تہ اڄ رات هو ڳاهہ واري پِڙ ۾ جَوَ وائرائيندو،


جڏهن هو سمهڻ وڃي تڏهن تون سندس سمهڻ واري جاءِ ڌيان ۾ رکي ڇڏج. پوءِ جڏهن هو سمهي پوي تڏهن تون اتي وڃي سندس پيرن تان چادر هٽائي اتي سندس پيرن وٽ ئي ليٽي پئج. پوءِ هو پاڻيهي تو کي ٻڌائيندو تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan