Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 3:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اهو سچ آهي تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهيان پر مون کان بہ وڌيڪ ويجھو تنهنجو هڪڙو ٻيو اهڙو عزيز آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 هاڻي اهو سچ آهي تہ آءٌ ويجهو مائٽ آهيان: پر مون کان بہ ويجهو ٻيو هڪڙو مائٽ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 3:12
7 Iomraidhean Croise  

سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي تعليم جو نچوڙ آهي.“


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ ايمان وارو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ خداوند اهڙن سڀني گناهن جي سزا ڏيندو.


نعوميہ پنهنجي ننهن کي چيو تہ ”خداوند شل انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جيڪو اسان جيئرن توڙي اسان جي مئلن تي مهرباني ٿو ڪري.“ نعوميہ کيس وڌيڪ چيو تہ ”اهو ماڻهو اسان جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهي.“


سو تون ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر. تون جيڪي چوندينءَ سو آءٌ ڪندس. منهنجا سڀ شهرواسي ڄاڻن ٿا تہ تون سٺي ڪردار واري عورت آهين.


باقي رات هتي ترسي پئُہ. صبح جو جيڪڏهن انهيءَ تنهنجو عيوضو ڀريو تہ سٺو. جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀري تو تي هٿ رکندس. هاڻ صبح تائين هتي ئي ليٽي پئُہ.“


انهيءَ کان پوءِ بوعز شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ وڃي ويٺو. جڏهن نعوميہ جي مڙس اِليملڪ جو وڌيڪ ويجھو مائٽ، جنهن جو بوعز ذڪر ڪيو هو، سو اتان اچي لنگھيو تہ بوعز کيس سڏي چيو تہ ”اي فلاڻا! هيڏانهن اچ ۽ هتي اچي ويهہ.“ سو هو اچي وٽس ويٺو.


تنهنڪري مون سوچيو تہ اها ڳالهہ تو کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ اهو بہ چوان تہ تون هنن سڀني ويٺل ماڻهن، يعني اسان جي قوم جي اڳواڻن جي روبرو اها ٻني خريد ڪر. جيڪڏهن تون اها پئسا ڏيئي ڇڏائڻ گھرين ٿو تہ ڀلي ڇڏاءِ. پر جيڪڏهن تون اها ڇڏائڻ نہ ٿو چاهين تہ ٻڌائي ڇڏ تہ مون کي خبر پوي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ کي ڇڏائڻ جو پهريون حق تنهنجو آهي ۽ تو کان پوءِ منهنجو.“ انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”آءٌ اها ڇڏائيندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan