Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هن وراڻيس تہ ”خداوند تو کي برڪت ڏئي. تو هيءَ پوئين مهرباني پنهنجي سس تي ڪيل مهربانيءَ کان بہ وڌيڪ ڏيکاري آهي. اُها هيءَ تہ تون ڪنهن نوجوان، پوءِ اهو امير هجي يا غريب، تنهن جي پٺيان نہ ويئي آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ هن چيو تہ منهنجي ڌيءَ، خداوند توکي برڪت وارو ڪري: تو منڍ کان پڇاڙيءَ ۾ وڌيڪ مهرباني ڏيکاري آهي، جو تون غريب توڙي شاهوڪار جوانن جي پٺيان نہ ويئينءَ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 3:10
8 Iomraidhean Croise  

لابن کيس چيو تہ ”اي خداوند جا ڀلارا انسان! اچ، اندر اچ، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي اٺن جي لاءِ بہ جاءِ تيار ڪئي آهي.“


هن ٻنهي ننهن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پنهنجي سڳين مائرن وٽ موٽي وڃو. شل خداوند اوهان سان بہ اهڙي ئي مهرباني ڪري، جهڙي اوهان پنهنجي مري ويل مڙسن ۽ مون سان ڪئي آهي.


بوعز کيس ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي مڙس جي مُئي کان پوءِ جيڪي بہ پنهنجيءَ سس سان ڪيو آهي، سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي، تہ ڪيئن نہ تون پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجي وطن کي ڇڏي انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ ڄاڻيندي هئينءَ.


نعوميہ پنهنجي ننهن کي چيو تہ ”خداوند شل انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جيڪو اسان جيئرن توڙي اسان جي مئلن تي مهرباني ٿو ڪري.“ نعوميہ کيس وڌيڪ چيو تہ ”اهو ماڻهو اسان جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز آهي.“


ڪجھہ وقت کان پوءِ بوعز پاڻ بہ بيت‌لحم شهر کان اچي پهتو ۽ لاباري ڪرڻ وارن کي سلام ڪندي چيائين تہ ”خداوند شل اوهان جو ساڻي هجي.“ هنن کيس وراڻيو تہ ”خداوند شل تو کي برڪت عطا ڪري.“


هن کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“ تڏهن هن ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان جي ٻانهي رُوت آهيان. جيئن تہ اسان جو عيوضو ڀرڻ جا ذميوار عزيز اوهين ئي آهيو، تنهنڪري مون تي پنهنجي چادر جو پلئُہ وجھو.“


جڏهن سموئيل سائول وٽ اچي پهتو تہ سائول کيس چيو تہ ”شل خداوند جي توهان تي برڪت هجي. مون خداوند جو حڪم بجا آندو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan