Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن بوعز رُوت کي چوڻ لڳو تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون هن ٻنيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ ٻنيءَ ۾ سنگ ميڙڻ نہ وڃ، بلڪ هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏجي ڪم ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 تڏهن بوعز روٿ کي چيو تہ اي منهنجي ڌيءَ ٻڌين ٿي؟ ٻي ڪنهن ٻنيءَ ۾ سنگ چونڊڻ نہ وڃج، نڪي هتان ڪنهن ٻئي پاسي لنگهي وڃج، پر هتي منهنجي نوڪرياڻين سان گڏ رهج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 2:8
11 Iomraidhean Croise  

تڏهن نعمان جا نوڪر وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيڪڏهن نبي اوهان کي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ اوهين اهو نہ ڪريو ها ڇا؟ تہ پوءِ ڇو توهين هن جي چوڻ مطابق غسل نہ ٿا ڪريو، تہ ڇٽي چڱا ڀلا ٿي پئو؟“


جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو.


ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“


تڏهن عيسيٰ ڦري انهيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


هن مون کي چيو تہ ’مهرباني ڪري مون کي لاباري ڪرڻ وارن جي پٺيان ٻڌل سٿرين جي وچان ڪريل سنگ ميڙي گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏي.‘ سو هن اچي صبح کان وٺي هن وقت تائين ساندهہ ڪم پئي ڪيو آهي. رڳو ٿوري دير لاءِ ڇپري هيٺان ساهہ پٽيو اٿس.“


تون انهيءَ ٻنيءَ جي نظرداري پيئي ڪر جنهن ۾ منهنجا ماڻهو لابارو پيا ڪن ۽ تون سندن پٺيان لڳي رهہ. آءٌ هنن ماڻهن کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هو تو کي تنگ نہ ڪن. جڏهن بہ تو کي اڃ لڳي، تڏهن انهن جي ڀريل دلن مان وڃي پاڻي پيجانءِ.“


پر عيليءَ کيس سڏي چيو تہ ”اي سموئيل! منهنجا پٽ!“ سموئيل وراڻيس تہ ”اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“


خداوند وري کيس سڏ ڪيو تہ ”اي سموئيل!“ جيئن تہ سموئيل خداوند کي اڃا ڪين سڃاڻيندو هو ۽ نہ وري خداوند جو فرمان اڃا مٿس ظاهر ٿيو هو، سو هو اُٿي وري عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تڏهن عيليءَ ورندي ڏنس تہ ”منهنجا پٽ! مون تو کي ڪونہ سڏيو. موٽي وڃي سمهي رهہ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan