Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 هڪڙي ڏينهن رُوت نعوميہ کي چيو تہ ”مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ ٻنيءَ ۾ وڃان ۽ جيڪو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي سنگ ميڙي گڏ ڪريان.“ نعوميہ ورندي ڏنس تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! ڀلي وڃ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 2:2
9 Iomraidhean Croise  

جڏهن قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا تہ کيس ٻڌايائون تہ ”اسين توهان جي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين. هو چار سؤ جوان ساڻ ڪري پاڻ توهان سان ملڻ لاءِ اچي ٿو.“


اوهين پنهنجي انگورن جي باغ جا رهجي ويل ڇڳا ٻيهر ڇني گڏ نہ ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جا ڪريل داڻا چونڊي کڻجو. اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.


جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو.


جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو، بلڪ اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


سو هوءَ ويئي ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لابارو ڪرڻ وارن جي پٺيان رهيل سنگ ميڙڻ لڳي. اتفاق سان ٻنيءَ جو اهو ٽڪرو بوعز جو هو، جيڪو اِليملڪ جي گھراڻي مان هو.


هن مون کي چيو تہ ’مهرباني ڪري مون کي لاباري ڪرڻ وارن جي پٺيان ٻڌل سٿرين جي وچان ڪريل سنگ ميڙي گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏي.‘ سو هن اچي صبح کان وٺي هن وقت تائين ساندهہ ڪم پئي ڪيو آهي. رڳو ٿوري دير لاءِ ڇپري هيٺان ساهہ پٽيو اٿس.“


تنهن تي حنہ چيس تہ ”شل تنهنجي هن ٻانهيءَ تي هميشہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر هجي.“ پوءِ هوءَ موٽي ويئي ۽ وڃي ماني کاڌائين. ان کان پوءِ سندس چهرو غمگين نہ رهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan