Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 2:19 - Muslim Sindhi Bible

19 سندس سس کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڪٿان سنگ چونڊيا اٿيئي؟ ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيئِہ؟ خدا شال انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جنهن تنهنجو خيال رکيو.“ پوءِ رُوت پنهنجي سس کي انهيءَ شخص جي باري ۾ ٻڌايو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين. رُوت کيس ٻڌايو تہ ”جنهن ماڻهوءَ وٽ اڄ مون ڪم ڪيو تنهن جو نالو آهي بوعز.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ سندس سس چيو تہ اڄ تو ڪٿي پئي سنگ گڏ ڪيا آهن؟ ۽ ڪٿي تو ڪم پئي ڪيو آهي؟ برڪت وارو هجي اُهو شخص جنهن تنهنجي خبر لڌي. ۽ هن پنهنجي سس کي ٻڌايو تہ اُهو ماڻهو ڪير هو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين؛ ۽ چيائينس تہ انهي ماڻهو جو نالو بوعز آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 2:19
6 Iomraidhean Croise  

حورام ڪاريگر اهي ٻہ پتل جا ٿنڀا هيڪل جي دروازي جي اڳيان کڙا ڪيا. ڏاکڻي ٿنڀي تي حورام ياڪن نالو اُڪريو ۽ اترئين ٿنڀي تي بوعز نالو اُڪريائين.


سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو.


خداوند سندن حفاظت ڪندو ۽ حياتي بچائيندو. هو کين سندن ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندو، ۽ سندن دشمنن جي مرضيءَ تي کين هرگز نہ ڇڏيندو.


اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا.


تڏهن رُوت منهن ڀر جھڪي کيس تعظيم ڏيئي چيو تہ ”جڏهن تہ آءٌ ڌاري آهيان تہ پوءِ ڪهڙي سبب توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، جو منهنجي ايتري سار لڌي اٿوَ؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan