Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 2:14 - Muslim Sindhi Bible

14 مانيءَ مهل بوعز رُوت کي چيو تہ ”هيڏانهن اسان وٽ اچ، اچي چرهاڻ سان ماني کاءُ.“ سو هوءَ لاباري ڪرڻ وارن سان وڃي ويٺي ۽ بوعز کيس ڪجھہ ڀڳل اناج ڏنو. هن ڍءُ ڪري کاڌو ۽ ڪجھہ بچايائين بہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ مانيءَ مهل بوعز چيس تہ هيڏانهن اچ ۽ ماني کاءُ، ۽ پنهنجو گرهہ سرڪي ۾ ٻوڙ. پوءِ هوءَ لاباري ڪرڻ وارن جي پاسي ۾ وڃي بيٺي: ۽ هنن ڦلا ڏنس، جي هن کاڌا ۽ پيٽ ڀريائين، ۽ ڪجهہ بچائي بہ رکيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 2:14
17 Iomraidhean Croise  

اهي پاڻ سان کٽولا، پيالا ۽ ٺڪر جا ٿانوَ کڻي آيا، ۽ دائود ۽ سندس ماڻهن جي کائڻ لاءِ ڪڻڪ، جَوَ، اٽو، ستون، چونرا، داليون، ڀُڳڙا، ماکي، ڏهي، پنير ۽ ڪجھہ رڍون بہ کڻي آيا. انهيءَ سبب جو هنن ڄاتو ٿي تہ دائود ۽ سندس ماڻهو بيابان ۾ بکايل، اڃايل ۽ ٿڪل آهن.


تو منهنجي دشمنن آڏو مون لاءِ دسترخوان وڇايو آهي. تو مون کي معزز مهمان جيان مان ڏنو آهي، ۽ منهنجي پيالي کي ٽمٽار ڪيو اٿيئي.


پر نيڪ ماڻهو نيڪيءَ وارا منصوبا ٿا جوڙين. بيشڪ اهي پنهنجي انهن نيڪ منصوبن تي قائم رهندا.


اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.


سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون.


اوهين کائي ڍءُ ڪندا. هو اوهان جي چوپائي مال لاءِ بہ اوهان جي ٻنين ۾ گاهہ اپائيندو.


اوهين کائي ڍءُ ڪندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ عطا ڪرڻ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪندا.“


رُوت وراڻيس تہ ”منهنجا وڏيرا! شال توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي رهي. توهان پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهائي دلداري ڏني آهي، توڻي جو آءٌ توهان جي نوڪرياڻين مان ڪنهن هڪڙيءَ جهڙي بہ ناهيان.“


جڏهن هوءَ سنگ چونڊڻ لاءِ اُٿي هلي ويئي تڏهن بوعز پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”توڙي جو هوءَ سٿرين جي وچ مان سنگ چونڊي تڏهن بہ نہ جھليوس،


هوءَ اُهو شهر ڏانهن کڻي آئي ۽ جيترو گڏ ڪيو هئائين سو پنهنجي سس کي ڏيکاريائين. ڍءُ ڪري کائڻ کان پوءِ جيڪو کاڌو بچايو هئائين سو بہ کيس ڏنائين.


هڪڙي ڏينهن يسيءَ پنهنجي پٽ دائود کي چيو تہ ”ڀُڳل اناج جا ڏهہ ڪلوگرام ۽ هي ڏهہ مانيون کڻ ۽ جلدي وڃي لشڪرگاهہ ۾ پنهنجي ڀائرن کي ڏيئي اچ.


تڏهن ابيجيل تڪڙ ڪري ٻہ سؤ مانيون، ٻہ مئي جون سانداريون، پنج پڪل رڍون، پنج ماپا ڀُڳل اَناج جا، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا ۽ ٻہ سؤ سڪل انجير جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکرايون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan