Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن رُوت منهن ڀر جھڪي کيس تعظيم ڏيئي چيو تہ ”جڏهن تہ آءٌ ڌاري آهيان تہ پوءِ ڪهڙي سبب توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، جو منهنجي ايتري سار لڌي اٿوَ؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تڏهن هوءَ منهن ڀر زمين تي ڪنڌ جهڪائي هن کي چوڻ لڳي تہ جڏهن آءٌ ڌارين مان آهيان، تڏهن ڪهڙي سبب مون تنهنجي نظر ۾ مان لڌو آهي جو تون منهنجي ايتري خبر ٿو لهين؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 2:10
19 Iomraidhean Croise  

اتي هن مٿي نهاري ڏٺو تہ ٽي ماڻهو بيٺل نظر آيس. انهن کي ڏسي اتان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو. پوءِ جھڪي کين سجدو ڪيائين


منهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو منهنجي آقا بادشاهہ جي اڳيان موت جي لائق هو. تنهن هوندي بہ اوهان پنهنجي ٻانهي کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي اوهان جي دسترخوان تي ماني ٿا کائين. تڏهن پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي جو آءٌ بادشاهہ وٽ دانهين ٿيان.“


تڏهن دائود بادشاهہ خيمي اندر لنگھي وڃي عهد واري صندوق وٽ خداوند جي حضور ۾ ويٺو ۽ هي دعا گھري چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند خدا! تو مون کي جنهن درجي تي آندو آهي، آءٌ انهيءَ جي لائق ناهيان، نہ ئي وري منهنجو خاندان انهيءَ لائق آهي.


تڏهن هن تعظيم ڏيئي چيس تہ ”اوهان جو ٻانهو ڪهڙي شيءِ آهي جو توهين مون جهڙي خسيس ماڻهوءَ تي مهر جي نظر ڪريو؟“


اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو،


مون تي اهڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ هلي آئي آهي.


بيشڪ انهيءَ پنهنجي هن خسيس ٻانهيءَ تي پنهنجي مِهر جي نظر ڪئي آهي. سو اڄ کان وٺي ايندڙ سڀيئي پيڙهيون مون کي سڀاڳي سڏينديون،


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


بوعز کيس ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي مڙس جي مُئي کان پوءِ جيڪي بہ پنهنجيءَ سس سان ڪيو آهي، سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي، تہ ڪيئن نہ تون پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجي وطن کي ڇڏي انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ ڄاڻيندي هئينءَ.


رُوت وراڻيس تہ ”منهنجا وڏيرا! شال توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي رهي. توهان پنهنجي ٻانهيءَ سان مهربانيءَ سان ڳالهائي دلداري ڏني آهي، توڻي جو آءٌ توهان جي نوڪرياڻين مان ڪنهن هڪڙيءَ جهڙي بہ ناهيان.“


سندس سس کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڪٿان سنگ چونڊيا اٿيئي؟ ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيئِہ؟ خدا شال انهيءَ شخص کي برڪت ڏئي جنهن تنهنجو خيال رکيو.“ پوءِ رُوت پنهنجي سس کي انهيءَ شخص جي باري ۾ ٻڌايو جنهن وٽ ڪم پئي ڪيائين. رُوت کيس ٻڌايو تہ ”جنهن ماڻهوءَ وٽ اڄ مون ڪم ڪيو تنهن جو نالو آهي بوعز.“


هڪڙي ڏينهن رُوت نعوميہ کي چيو تہ ”مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ ٻنيءَ ۾ وڃان ۽ جيڪو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي سنگ ميڙي گڏ ڪريان.“ نعوميہ ورندي ڏنس تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! ڀلي وڃ.“


تون انهيءَ ٻنيءَ جي نظرداري پيئي ڪر جنهن ۾ منهنجا ماڻهو لابارو پيا ڪن ۽ تون سندن پٺيان لڳي رهہ. آءٌ هنن ماڻهن کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هو تو کي تنگ نہ ڪن. جڏهن بہ تو کي اڃ لڳي، تڏهن انهن جي ڀريل دلن مان وڃي پاڻي پيجانءِ.“


جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جھٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان زمين تي منهن رکي کيس تعظيم ڏنائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan