3 تڏهن نعوميہ جو مڙس اِليملڪ وفات ڪري ويو ۽ هوءَ پنهنجي پٽن سميت اڪيلي وڃي بچي.
3 ۽ نعوميءَ جو مڙس اليملڪ مري ويو؛ ۽ هوءَ ۽ سندس ٻئي پٽ رهجي ويا.
هڪڙي عورت اليشع وٽ آئي جنهن جو مڙس نبين جي ٽولي مان هو ۽ مري ويو هو. انهيءَ عورت اليشع کي چيو تہ ”اوهان جو ٻانهو منهنجو مڙس مري ويو آهي! توهان کي خبر آهي تہ هو خدا جو خوف رکڻ وارو ماڻهو هو. پر هاڻ انهيءَ جو هڪڙو لهڻيدار آيو آهي، جيڪو پنهنجي قرض ۾ منهنجا ٻہ پٽ غلام ڪري وٺي وڃڻ چاهي ٿو.“
سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو.
ڏس، خداوند جنهن سان محبت ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“
انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اِليملڪ هو ۽ سندس زال جو نالو نعوميہ ۽ پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئس. اهي يهوداہ جي شهر بيتلحم جي افراتي گھراڻي سان تعلق رکندا هئا. جڏهن اهي موآب جي ملڪ ۾ ٿي رهيا
سندس ٻنهي پٽن موآبي ڇوڪرين سان شادي ڪئي، جن مان هڪڙيءَ جو نالو عرفہ ۽ ٻيءَ جو نالو رُوت هو. انهن اٽڪل ڏهہ سال اُتي گذاريا.