Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رُوت 1:21 - Muslim Sindhi Bible

21 آءٌ ڀريل ٻاهر ويئي هئس پر خداوند مون کي خالي هٿين موٽائي آندو آهي. جڏهن خداوند قادرِمطلق منهنجي خلاف ٿيو آهي ۽ مون تي مصيبت آندي اٿس تہ پوءِ مون کي نعوميہ ڇو ٿيون سڏيو؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 آءٌ ڀريل ٻاهر ويئي هيس، ۽ خداوند مون کي خالي موٽائي گهر آندو آهي: جڏهن ڏسو ٿيون تہ خداوند منهنجي برخلاف ثابتي ڏني آهي، ۽ قادر مطلق مون تي مصيبت وڌي آهي، تہ پوءِ مون کي نعومي ڇو ٿيون ڪوٺيو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رُوت 1:21
8 Iomraidhean Croise  

چوڻ لڳو تہ ”جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان نڪتو هئس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين هئس. جڏهن آءٌ هن دنيا مان ويندس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين ويندس. بيشڪ خداوند ئي ڏنو هو، هن ئي هاڻ موٽائي ورتو آهي، شال سندس نالو سڳورو هجي.“


تون منهنجي خلاف نوان نوان شاهد پيدا ڪندين، ۽ مون تي پنهنجو قهر وڌائيندين. تون نيون مصيبتون مون تي ائين موڪليندين، جيئن ڪي تازيون فوجون جنگ لاءِ تيار هجن.


واہ جو انصاف ٿو ڪرين، منهنجي نوجوانيءَ جا قصور مون تي موٽائي ٿو آڻين، ۽ انهن جي ڪري منهنجي نصيب ۾ سخت ڳالهيون ٿو لکين!


تو مون کي پڪڙي قابو ڪيو آهي، ۽ ماڻهو اها ڳالهہ منهنجي خلاف شاهدي ٿا سمجھن، هائو، منهنجي هيءَ ڏٻرائي ئي منهنجي خلاف شاهدي ٿي ڏئي.


خدا منهنجي طاقت ٽوڙي ڇڏي آهي، ۽ هاڻي آءٌ بي‌وس آهيان، سو هو منهنجي اڳيان بي‌لغام ٿي ويا آهن.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


تہ پوءِ ڇا اوهين انهن جي وڏي ٿيڻ تائين ترسنديون؟ ڇا اوهين ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪنديون؟ نہ منهنجيون ڌيئرون، نہ. اها حالت اوهان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قدرت جو هٿ منهنجي خلاف کنيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan